ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڦر واقعن ۾ ملوث اھلڪارن جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم، گھرو کاتي جو ايڊيشل چيف سيڪريٽري ڪميٽيءَ جو سربراھھ مقرر، 10 ڏينھن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم، ڪالھھ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد فخر عالم ڏوھن ۾ ملوث پوليس عملدارن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي، ڪميٽي جو سربراھ گھرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي مقرر ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا، ۽ ھڪ ڪو بھ وڌيڪ ميمبر شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، چيف سيڪريٽري پاران قائم ڪميٽي کي 10 ڏينهن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، ڪميٽي اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گھر مان ڦر واري واقعي بابت ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ڊي ايس پي يو ٽي عمير باجاري کان جاچ ڪندي، ڪميٽي کي ذميوارن مٿان ڏوھھ مڙھڻ جو حڪم بھ ڏنو ويو آھي، چيف سيڪريٽري سنڌ جو چوڻ آھي تھ جيڪو بھ آفيسر ڏوھھ ۾ ملوث ھجي ان کي شامل ڪري رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.