سيئول(م ڊ) ڏکڻ ڪوريا جي موان ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن ۾ 179 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثو موان ايئرپورٽ تي پيش آيو، جيڪو ڏکڻ ڪوريا جو هڪ اهم ۽ مصروف هوائي اڏو آهي. رپورٽ موجب حادثي جو شڪار مسافر جهاز ٿائلينڊ جي شهر بنڪاڪ کان واپس اچي رهيو هو، جهاز ۾ 175 مسافر ۽ عملي جا 6 ميمبر سوار هئا، جن مان رڳو ٻه بچي سگهيا. اختيارين موجب جهاز سان حادثو لينڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب پيش آيو، جهاز رَن وي تان لهي ڀِت سان ٽڪرايو ۽ ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو، جهاز کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ٻن ڄڻن کي جيئرو بچايو ويو، فائر ايجنسي موجب گهڻا ماڻهو جهاز کان ٻاهر ٽپو ڏيڻ سبب فوت ٿيا، ڏکڻ ڪوريا جي اختيارين چيو آهي ته جهاز ڪِرڻ کان اڳ ڪنٽرول ٽاور جهاز سان پکي ٽڪرائڻ جي وارننگ ڏني هئي اختيارين حادثي جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، شروعاتي رپورٽ ۾ لينڊنگ گيئر ۾ خرابي کي حادثي جو امڪاني سبب قرار ڏنو ويو آهي.صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڏکڻ ڪوريا ۾ جهاز حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڏک جي گهڙي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون