ڏکڻ ڪوريا جي پارليامينٽ مارشل لا جي تڏا ويڙهه ڪري پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. صدر يون سوڪ رات جو بنا اطلاع ٽي وي تي خطاب ڪري پوري ملڪ ۾ مارشل لا هڻي جمهوريت جي رستي روڪ ڪئي، ته هزارين ماڻهو ۽ اسيمبلي ميمبر سراپا احتجاج بڻجي صدر خلاف روڊن تي نڪري آيا، پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪيو ويو، صدر جي حڪم تي فوجي دستن پوري ملڪ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، سياسي پارٽين، ٽريڊ يونينز تي بندش هڻي ميڊيا کي تالا هڻڻ جا فرمان جاري ٿيا، پر ڪنهن جي به ڪن تي جونءِ نه سُري پر ان جي ابتڙ عوام ۽ اسيمبلي ميمبر گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، پارليامينٽ عمارت تي فوجي هيليڪاپٽرن کي نظر انداز ڪندي اسيمبلي ميمبر ڪنڊيدار تارون لتاڙي پارليامينٽ اندر پهچي ويا، ميڊيا صدر خلاف ڀرپور مزاحمتي مهم شروع ڪئي. پوري ملڪ ۾ گوڙ شروع ٿي ويو، آمريڪا سميت پوري دنيا صدر يون سڪ جي اعلان تي حيرت جو اظهار ڪندي ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ کيس اهڙو قدم واپس وٺڻ جون اپيلون ڪيون ويون.
ڪوريا جي سياست ۾ جڏهن ڪو صدر پارليامينٽ جي اڪثريت وڃائي ويهندو آهي ته پوءِ هو اسيمبلي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو اختيارن جو استعمال ڪندو آهي پر 87ع کانپوءِ ڪنهن به صدر مارشل لا جهڙو خطرناڪ قدم نه کنيو هو، جيڪو يون سڪ کنيو هو. موجوده صدر به انڌا منڊا اختيار قبولڻ بجاءِ اڪيلي سر حڪمرانيءَ جو خواب ڏٺو، جيڪو به ساڀيان نه ٿيس. يون 2022ع ۾ جڏهن اقتدار سنڀاليو، تڏهن کان ئي هو قدامت پسند پاليسين تي هلندو رهيو. جيڪي کيس سرد جنگ واري راهه تي گهلي ويون. صدر يون پنهنجي زال سميت ڪيترن ئي مالي اسڪينڊلن ۾ ڦاٿل رهيو، جنهن ڪري اقتدار تي سندس گرفت ڪافي ڪمزور ٿي وئي هئي. پر هي بحران ڏکڻ ڪوريا جي سياسي، فوجي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي به نشاندهي ڪري رهيو آهي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج آزاديءَ کانپوءِ سياست ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ملڪ ۾ 1961ع کان 1993ع تائين هڪ مڪمل فوجي آمريت رهي آهي. 1990ع کانپوءِ جيتوڻيڪ فوج کي سياسي ڪنٽرول ۾ رکيو ويو آهي پر حقيقت ۾ ڏکڻ ڪوريا ٽيڪنيڪي جنگ ۾ ئي رهيو آهي. پاڙي ۾ دنيا جي وڏي ايٽمي طاقت اتر ڪوريا جي ڪري پورو ملڪ هميشه ايمرجنسي واري حالت ۾ هوندو آهي، هر حڪومت پنهنجي سياسي بحران کي اتر ڪوريا سان ئي ڳنڍي حڪمراني ڪندي آهي. ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا رکيو ويندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ جي عوامي ادارن بجاءِ فوجي بجيٽ به ٽيڻ تي رکي ويندي آهي، ۽ انهن جي جنرلن جي هر خواهش کي پورو ڪيو ويندو آهي. اصل ۾ 2016ع ۾ ڪينڊل لائيٽ بغاوت ۾ اڳوڻي بنياد پرست صدر پارڪ گيون هائي کي به هٽايو ويو هو. يون سڪ به پنهنجي سياسي ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ مارشل لا جو قدم پنهنجي سياسي اتحادين کي ٻڌائڻ کانسواءِ کنيو هو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ به چاهي ٿي ته کين به اقتدار ۾ ڀائيوار ڪيو وڃي، پر انهن کي ان ڳالهه جو اندازو ئي نه هو ته عوام ۽ پارليامينٽ سميت ميڊيا ۽ پادري به جٽ بڻجي سندن آڏو ديوار بڻجي بيهي رهندا.
ڏکڻ ڪوريا ۾ 1987ع جي آئين تحت صدارتي جمهوريت واري طرز تي حڪمراني ڪئي ويندي آهي. جنهن اڳوڻي پارلياماني ۽ نيم صدارتي نظام جي جاءِ والاري هئي. يون سڪ جي قدامت پسند پيپلز پاور پارٽي 2022ع جي پارلياماني چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي صدارت حاصل ڪئي هئي. پر 2024ع جي عوامي جائزي سروي ۾ هن عوامي حمايت وڃائڻ شروع ڪئي. 58 سيڪڙو ماڻهن سندس پاليسين کي رد ڪندي کائنس استعيفا يا وري سندس مواخذي جي گهر ڪئي. پارليامينٽ تي 2020ع کان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڪثريت آهي. يون سڪ قومي اسيمبلي جي اجلاس جو به بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ هن پارليامينٽ کي به آئيني طور خطاب نه ڪيو هو، موجوده سال جي بجيٽ ۾ به مخالف ڌر توڙي سندس ئي پيپلز پاور پارٽي جي اڪثر ميمبرن مخالفت ڪيس، صدر يون اڪثر ڪري پنهنجي ايجنڊا وارن بلن کي ويٽو پاور استعمال ڪري حڪومت هلائيندو رهيو آهي، جنهن تي اسيمبليءَ سان سندس جهيڙو هلندو رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو صدر چاهي پيو ته، هو ڪنهن جي ڊڪٽيشن وٺڻ بجاءِ مڪمل اختيارن سان اقتدار هلائي پر عوام کيس ناڪام بڻائي ڇڏيو. صدر جي زال گهڻ خرچائو آهي، اڪثر ڪري وڏن ۽ مهانگن تحفن جي آڙ ۾ رشوت وصول ڪندي آهي، ڪيترن سالن کان اسڪينڊلن ۾ هجن ڪري صدر يون سڪ قوم کان معافي به ورتي هئي ۽ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي به حامي ڀري هئي پر ڪري ڪجهه نه سگهيو.
آمر پارڪ چنگ هي جي قتل بعد 1980ع جي فوجي بغاوت کانپوءِ اها ڪجهه ڪلاڪن واري پهرين مارشل لا هئي. 1948ع ۾ جمھوريه جي قيام کانپوءِ اها 17ھين مارشل لا آهي. موجوده ڊيموڪريٽڪ پارٽي مارشل لا آڏو سندرو ٻڌي بيهي رهي ۽ چيو ته هاڻ هن ملڪ ۾ گولي ۽ بندوق جي سرڪار نه هلندي، ان ڪري پارليامينٽ جا ميمبر فورن هر رڪاوٽ عبور ڪري پارليامينٽ پهچي جمهوريت لاءِ جنگ ڪن. جڏهن ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ته فوج ۽ پوليس به انهن جي رستا روڪ نه ڪئي. عالمي ميڊيا پوري رات رپورٽنگ ڪندي ٻڌايو آهي ته فوج به مارشل لا لاءِ ذهني طور تيار ئي نه هئي. اهو آئيني بحران آهي. جئين 2021ع ۾ ميانمار جي بغاوت ٿي هئي، هتي به ساڳي فلم هلي رهي آهي. هي آمريڪا جي 6 جنوري واري يونائيٽڊ اسٽيٽ ڪيپيٽل حملي جهڙي ڪارروائي هئي. جيڪو ٽرمپ ڪري رهيو هو. هي صدر يون به ان جي ئي پاليسين تي هلي رهيو آهي. اڌ رات واري مارشل لا به اسٽاڪ مارڪيٽ کي ڪريش ڪري ڇڏيو آهي. اڌ رات بعد قومي اسيمبليءَ جي 300 ميمبرن جي جاءِ تي 192 ميمبرن هڪ آواز ٿي مارشل لا کي رد ڪري ڇڏيو ۽ صبح ساڍي چئين وڳي ڌاري قانون واري وزير پارڪ سنگ جي ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪري قومي اسيمبليءَ جي قرارداد جي حمايت ڪندي صدر کي فوري طور تي مارشل لا وارو آرڊر واپس وٺڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن تي صدر اعلان واپس وٺي ڇڏيو. ملڪي آئين ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته، جيڪڏهن هڪ ووٽ جي اڪثريت سان به پارليامينٽ ڪو بل منظور ڪري ٿي ته صدر کي ان تي هر حالت ۾ عمل ڪرڻو آهي. صدر يون سڪ جي پٺتي هٽندي ئي مخالف ڌر صدر جي مواخذي جي تحريڪ به قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ۽ گُهر ڪئي آهي ته هن ملڪ کي تمام وڏو نقصان پهچايو آهي، ان ڪري هو فورن اخلاقي طور تي استعيفا ڏئي گهر وڃي. ڏکڻ ڪوريا جي ڪجهه تجزيه نگارن ان واقعي کي اقتدار تي قبضي جي پاڻمرادو بغاوت قرار ڏنو آهي. ملڪ جي هڪ هزار 466 ڪيٿولڪ پادرين جي هڪ گروپ، جنهن ۾ گوانگجو ارچٽيوسيس جي آرچ بشپ سائمن اوڪ هيون جن ۽ چار ٻيا بشپ شامل آهن، تن به صدر يون سڪ کان فوري طور تي استعيفا جي گهر ڪئي آهي.
سپريم ڪورٽ اعلان ڪيو آهي ته، هو ان ڳالهه جي تحقيقات ڪندي ته ڇا مارشل لا جو اعلان غير قانوني هو يا نه. ڇا صدر لازمي قانون جي پاسداري ڪندي ڪو قدم کنيو آهي، يا وري هن ذاتي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ بغاوت جو جرم ڪيو آهي. ڇو جو آئيني طور تي ڪابينا ۽ حڪومت کي صدر اڳواٽ ڪو اطلاع ئي نه ڏنو هو. جڏهن ته پيپلز پاور پارٽي جي هنگامي اجلاس ۾ صدر يون کي پارٽي مان ڪڍڻ تي به غور شروع ڪيو ويو آهي. پارٽي بچاءَ واري وزير ڪم يونگ هيون کي فورن پارٽي مان ڪڍڻ جي قرارداد منظور ڪئي آهي، جنهن ئي صدر کي فوري طور تي مارشل لا هڻڻ جي صلاح ڏني. مخالف ڌر جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي اعلان ڪيو آهي ته، صدر استعيفا نه ٿو ڏئي ته هو پارليامينٽ ۾ مواخذي جي تحريڪ پيش ڪندا.
ڏکڻ ڪوريا جي موجوده سياسي ڌر جي سياست هڪ خطرناڪ رجحان جي عڪاسي به ڪري رهي آهي. هن وقت پوري دنيا ۾ پاپولر ووٽ وارن سياستدانن جيڪي جمهوريت بجاءِ ايگزيڪيوٽو طاقت جي استعمال جو سوچي رهيا آهن، انهن لاءِ ڪوريائي معاملو هڪ مثال به آهي، جيئن ڊونلڊ ٽرمپ به اڪيلي سر طاقت جي استعمال جو حامي آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته، اها مارشل لاءِ پوري ملڪ لاءِ نوان مسئلا کڻي آئي آهي. صدر جو اعلان هڪ تمام وڏي سياسي غلطي هئي، جنھن پوري ملڪ جي معيشت ۽ سيڪيورٽي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. صدر هڪ وڏي غلطي ڪري اڪيلو ٿي ويو آهي، هاڻ هو پنهنجي ڪنهن بل کي ويٽو به نه ڪري سگهندو. عوامي سطح تي به هو پنهنجي حمايت وڃائي ويٺو آهي.