جيونسگسانگ(انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ ڪوريا جو وونجو بانگي ري گنڪگو نالي 860 سال پراڻو وڻ هاڻي ملڪ جي قومي سڃاڻپ طور به سڃاتو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي شاندار خوبصورتي سبب تمام گهڻو مشهور آهي. اهو وڻ تقريبن 17 ميٽرن جي دائري ۾ ڦهليل آهي 32 ميٽر (104 فٽ) اهي، جيتوڻيڪ هي ايشيائي ملڪ جو سڀ کان وڏو جگنڪگو وڻ ناهي، پر جهڙي طرح سان ان جون شاخون ڦهليل آهن، اهي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪن ٿيو. ڏکڻ ڪوريا ۾ ان وڻ کي اڪثر ماڻهو دنيا جو سڀ کان خوبصورت وڻ چون ٿا. بهار مند جي آخر ۾ هزارين ماڻهو ان 860 سال پراڻي وڻ کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا. ميڊيا رپورٽ موجب هانيانگ يونيورسٽي جي اسڪول آف ٽورزم جي پروفيسر لي هون مقامي اخبار کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کانپوءِ جوڙن يا خاندانن ۾ ٻاهرين خوبصورت هنڌن جو سير ڪرڻ هڪ رجحان بڻجي ويو آهي، خوبصورت وڻ واري پوائنٽ به انهن مان هڪ آهي.