ڪراچي(شوبز نيوز)  ڏکڻ ڪوريائي ڳائڻي ۽ يوٽيوبر دائود ڪمِ  ڀارتي اڳرائيءَ جي مذمت ڪندي پاڪستان سان ايڪي جوا ظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏکڻ ڪوريائي اداڪار دائود ڪِم پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پاڪستاني عوام جي نانءُ هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران ورت سياحتي ماڳن جون مختلف خوبصورت تصويرون به شيئر ڪيون. جنهن ۾ پاڪستاني قومي لباس ڪانچ قميص پاتل ڪوريائي گلوڪار کي پاڪستاني جھنڊو کنيل ڏسي سگهجي ٿو. دادئود ڪِم چيو ته هميشه پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعاڳو آهيان.  ان کان اڳ دائود ڪِم ڏکڻ ڪوريا ۾ هڪ مسجد ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو هو ته جيئن پاڪستان کي غير مهفوظ قرار ڏيندي اتي سفر نه ڪرڻ جي پروپيگنڊا ڪندڙن کي اثرائتو جواب ملي سگھي.