وانا/راولپنڊي(م ڊ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سراروغا ۾ فورسز جي آپريشن ۾ ڀارتي حمايات يافتا 11 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي پاڪ فوج جي ميجر ۽ لانس نائيڪ شهادت ماڻي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪندي 11 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته 7 دهشتگرد زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ميجر معيز عباس شاهه بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي، 37 ورهين جي ميجر معيز جو واسطو چڪوال سان هو، جڏهن ته بنون واسي لانس نائيڪ جبران الله به شهيد ٿيو. معيز عباس شاهه ڀارتي جاسوس پائليٽ اڀينندن کي سندس جهاز جي تباهي بعد پڪڙيو هو.