گيانا (اسپورٽس نيوز)ا فغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جوناٿن ٽروٽ چيو آهي ته افغان ٽيم پهريون ڀيرو سيمي فائنل ۾ پهتي آهي، ته ورلڊ ڪپ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي تاريخ کان به سڀ واقف آهن، هو ٽرافي جي ويجهو اچڻ باوجود هارائي ويندا آهن، هن چيو ته افغان ٽيم ڪڏهن به ڪنهن ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ ناهي پهتي ۽ هن ٽيم جي ڪا وڏي تاريخ نه آهي، هي رانديگر تاريخ رقم ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جو جنهن سان مقابلو آهي اِها ٽيم اهم موقعن تي دٻاءُ برداشت ناهي ڪري سگهندي.