لاهور (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز هارائڻ کانپوءِ اڳواڻن ڪرڪيٽر محمد حفيظ ۽ احمد شهزاد قومي ٽيم جي ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد شهزاد لکيو ته ڏکڻ آفريڪي ٽيم پنهنجي 7 اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽرن کان سواءِ کيڏي رهي آهي، جڏهن ته پاڪستان پنهنجي بهترين ٽيم ميدان ۾ لاٿي آهي. هن چيو ته توهان پنهنجي طاقتور ٽيم هوندي پروٽيز خلاف سيريز هارائي آهي، بلڪل ائين جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ اسان ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا جي ٻارن خلاف هاراياسين. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ روز مري رهي آهي ۽ مٿي کان هيٺ تائين هر ڪو ستو پيو آهي، شرم جي ڳالهه آهي. هوڏانهن اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ پڻ پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي طنزيا انداز ۾ لکيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ هڪ سرڪس!