دربن ( اسپورٽس ڊيسڪ ) پهرين ٽيسٽ ميچ ۾  ڏکڻ آفريڪاکان سري لنڪا کي 233 رنسن تان شڪست، خبر موجب  دربن ۾ کيڏيل پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سري لنڪا کي 516 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، سري لنڪا جي ٽيم 282 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ڏکڻ آفريڪا پهرئين اننگز ۾ 191 رنسون ۽ ٻي اننگز ۾ 366 رنسن تي ڊڪليئر ڪئي هئي، سري لنڪا پهرئين اننگز ۾ 42، ٻي اننگز ۾ 282 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، پهرئين اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪپتان ڀوما70، مهاراج 24، اسٽبس 16 ، مارڪرم 9، زورزي 4 رنسون ٺاهيون، سري لنڪا طرفان پهرئين اننگز ۾فرنينڊو ۽ ڪمارا 3-3، وشوا ۽ جي سوريا 2-2 وڪيٽون ورتيون، سري لنڪا طرفان پهرئين اننگز ۾ 42 رنسن تي ڍير ٿي وئي، 9 رانديگر ڊبل فگر ۾ نه اچي سگهيا، ڏکڻ آفريڪا پاران ينسن 7، ڪوٽزي2، رباڊا هڪ وڪيٽ ورتي، ڏکڻ آفريڪا پنهنجي ٻي اننگز ۾ 149 رنسن جي ليڊ سان شروع ڪئي،  ڀوما ۽   اسٽبس سينچريون اسڪور ڪري اننگز 366 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي،اسٽبس 122 ۽ ڀوما 113 رنسون اسڪور ڪيون،  ٻي اننگز ۾ سري لنڪا 282 رنسن  تي آل آئوٽ ٿي وئي.چندي مل 83. سلوا 59 ۽ مينڊس 48 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا،  ٻي اننگز ۾ ينسن چار، رباڊا ، ڪوٽزي ۽ مهاراج 2 وڪيٽون ورتيون، ميچ ۾ شاندار بالنگ ڪرڻ تي مارڪو ينسن کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو آهي .