ڪيپ ٽائون (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. شاهينن خلاف شيڊيول سيريز لاءِ پروٽيز ٽيم جي قيادت هينرڪ ڪلاسن کي سونپي ويئي آهي، هو ايڊن مارڪرم جي ذاتي مصروفيتن جي بنياد تي غير موجودگي سبب سريلنڪا خلاف سيريز ۾ به ٽيم جي ڪپتاني ڪري چڪو آهي. پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آل فارميٽ پليئر مارڪو جينسن، ڪيشو مهاراج، ڪگيسو ربادا ۽ ٽرسٽن اسٽبس اسڪواڊ جو حصو نه هوندا، کين پاڪستان خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو. پاڪستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ ڏکڻ آفريڪا طرفان اعلانيل پندرنهن رڪني اسڪواڊ ۾ هينرڪ ڪلاسن ڪپتان، اوٽنيل بارٽمين، ميٿيو بريٽزڪي، ڊانوين فريرا، ريزا هينڊرڪس، پيٽرڪ ڪارگر، جارج لِنڊي، ڪيونا مفاڪا، ڊيوڊ ملر، اينرڪ نورٽجي، نقابا پيٽر، ريان ريڪلٽن، تبريز شمسي، اينڊل سيميلين، رزي وين ڊر ڊوسن شامل آهن. پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ڏهه، 13 ۽ 14 ڊسمبر 2024ع تي ٽي ٽوئنٽي ميچون ترتيبوار، ڊربن، سينچورين ۽ جوهانسبرگ ۾ کيڏيون وينديون.