لنڊن(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا آسٽريليا کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن بڻجي ويو، ڏکڻ آفريڪا آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل کٽي ورتو. ڏکڻ آفريڪا لارڊز ۾ کيڏيل ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني. ڏکڻ آفريڪا 5 وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسن جو هدف حاصل ڪيو. ايڊن مارڪرم ٻئي اننگز ۾ جنگي سينچري اسڪور ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ 136 رنسن جي ميچ وننگ اننگز کيڏي. راند جي چوٿين ڏينهن ايڊن مارڪرم ۽ ڊيوڊ بيڊنگهم چوٿين وڪيٽ لاءِ 35 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، پر مارڪرم 136 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن ۾ چوڪا شامل هئا. ڊيوڊ بيڊنگهم 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. ڪپتان بوما 66 ۽ وين ملڊر 27 رنسون ٺاهيون. هي ڏکڻ آفريڪا جو ٻيو آءِ سي سي ٽائيٽل آهي، جيڪو اڳ ۾ 1998 ۾ آءِ سي سي ون ڊي چيمپئنز ٽرافي کٽي چڪو هو. ايڊن مارڪرم ۽ ڊيوڊ بيڊنگهم چوٿين وڪيٽ لاءِ 35 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، پر مارڪرم 136 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، جنهن ۾ چوڪا شامل هئا. ڊيوڊ بيڊنگهم 21 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو.ڏکڻ آفريڪا 27 سالن جي ڊگهي انتظار کان پوءِ آءِ سي سي ٽرافي کٽي ورتي، ڏکڻ آفريڪا تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا کي شڪست ڏئي 1998 کان پوءِ پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽرافي کٽي هئي.