ممبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پٽڪ جو چوڻ آهي ته گذريل ٻه ڏينهن ڏکيا گذريا آهن، شڪست تي رانديگر ڏاڍو ڏُکويل آهن، هاڻ سڀني جون نظرون جمعي واري ميچ تي آهن، اسان کي سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي. چنائي ۾ نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ اينڊريو پٽڪ چيو ته ڏکڻ آفريڪا بهترين فارم آهي، اسان کي بهترين راند جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اسان کي مستحڪم پلان سان ميدان تي لهڻو پوندو، هر بال تي مقابلو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ٽيم ۾ به معياري بيٽرز موجود آهن، هر پليئر جو بيٽنگ ۾ پنهنجو انداز آهي، مون کي بيٽز جي صلاحيتن تي ڪو شڪ نه آهي. بيٽنگ ڪوچ چيو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف هاڪاري سوچ سان ميدان تي لهڻو پوندو، پاڪستان ٽيم ۾ وڏو ٽوٽل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، گيم پلان تي ڪليئر هئڻ ۽ عمل ڪرڻ گهڻو اهم آهي.