ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ٻيهر پيرن تي بيهاري ڇڏيو، اڳتي جو سفر به آسان ناهي: وزيراعظم

0
50
ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ٻيهر پيرن تي بيهاري ڇڏيو، اڳتي جو سفر به آسان ناهي: وزيراعظم
ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ کي ٻيهر پيرن تي بيهاري ڇڏيو، اڳتي جو سفر به آسان ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي پنهنجي پيرن تي ٻيهر بيهاري ڇڏيو، ڏکيا فيصلا ڪري ڇڏياسين پر اڳتي جو سفر به آسان ناهي.اسلام آباد ۾ يومِ تعمير ۽ ترقي جي مناسبت سان تقريب کي خطاب  ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي امن ۽ ڀائيچاري جي ضرورت آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سياسي حڪومت ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پگهادار طبقي 300 ارب رپيا قومي ناڻي ۾ ڏنا، حڪومتي قدمن سبب مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ممڪن ٿيو ۽ ملڪ ڏيوالي کان بچي ويو. سندس چوڻ هو ته اڄ اسان ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي چڪا آهيون، ڏکيا فيصلا ڪياسين پر اڳتي جو سفر به آسان ناهي، رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا آهيون، مايوس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، اسان محنت ڪنداسين ۽ ترقي ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته هاڻي معاشي پيداوار ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ جو سفر طئه ڪرڻو آهي، حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ ناهي، اهو ڪم ڪاروباري برادري جو آهي، پي آءِ اي جهڙا ادارا سندن حوالي ڪنداسين ته جيئن هلائي ڏيکارين، هاڻي ڪاروباري برادري کي اڳتي اچڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ايف بي آر سيڙپڪارن جي ڳالهه ٻُڌي، ساڻن زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، ڪاروباري برادري جي مشاورت سان اڳتي وڌنداسين، ملڪ ۾ دهشتگردي ختم نه ڪئي ته ترقي نه ٿي سگهندي ۽ ايڪسپورٽ نه وڌندي، بدقسمتي سان دهشتگردي ٻيهر واپس اچي وئي آهي، اهو سوال پڇڻو پوندو ته دهشتگردي واپس ڇو آئي؟ پاڪ فوج دهشتگردي خلاف قربانيون ڏئي رهي آهي، افغانستان ۾ اسمگلنگ روڪي ته هلندڙ سال 211 ملين کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وئي.