ڏِيئو ٻَريو، اُجهامي ويو، هوا ويئي گُذري..

0
78
ڏِيئو ٻَريو، اُجهامي ويو، هوا ويئي گُذري..

2024ع جو سال به پڄاڻيءَ جي آخري ڏينهن تي پهچي ويو آهي. هن سال انساني زندگي جي دلين تي ڪهڙا نقش ڇڏيا، ڪير ڪنهن سان مليا ۽ ڪير ڪنهن کان وڇڙيا؟ اهو هڪ الڳ داستان آھي، سوال آھي ته دنيا ۾ ھي سال ڪيئن گذريو!. دنيا جو هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن خوشي يا غم جو داستان هجي ٿو، ھن ڌرتي جي گولي تي ڪروڙين سال ايندا ۽ ويندا رهيا، منظر بدلبا رهيا، حاڪم محڪوم ۽ محڪوم حاڪم ٿيندا رهيا.

وقت بدلجندي  ويرم ئي نه ٿي لڳي سائين،

ڪڏھن تاج سر تي، ڪڏھن سر سوليءَ تي.

ڊسمبر الائي ڇو شاعريءَ جو مهينو ليکجي ٿو. شايد ان ڪري جو اهو مهينو سال جو آخري مهينو هوندو آھي ۽ ان ۾ راتيون راوڻ جيڏيون ۽ ڏينهن زندگي جيان مختصر هوندا آھن.

 ڊسمبر ۾ تنهنجي موڪلاڻي، روئڻ ڏي، روئان اي دل اياڻي،

چاندنيون ته اينديون پيون، ڏک آھي محبت نه پاڻ ماڻي.

                 اوس ڌرتي جي مٿاهين توڙي اندروني سطح  تي تبديليون ٿينديون رهنديون آھن، ڌرتي جا هيٺيان تھ، جن ۾ پهريون تھ گئس جو وايو منڊل atmosphere آھي، جيڪو ڌرتي جي چوڌاري ڇڪ gravity جي ذريعي قائم آھي، ٻيو ڀون ٿار lithosphere وارو تھ، جنهن ڌرتي کي ٿلهو مهيا ڪيو آھي، ٽيون پاڻھيارو hydrosphere تھ، جنهن ۾ سمنڊ، درياءَ، گليشيئر ۽ برف اچي وڃن ٿا ۽ ڌرتي جو چوٿون تھ حياتياتي Biosphere منڊل آھي، جنهن تي انسان ، جانور، پکي ۽ ٻيا ساهوارا جنم وٺن ٿا، ۽ موجود آھن، وقت گذرڻ سان انهن تهن ۾ به تبديليون اينديون رهن ٿيون، ڇا انساني شڪل شبيھ سان گڏ وقت گذرڻ سان انسان جي خيالن، پيار ۾ به تبديلي اچي ٿي، يقينن ماڻھو به بدلجي وڃي ٿو.

هن ڪائنات ۾ صدين کان انسانن جون لڳل پاڻ ۾ جنگيون، قدرتي آفتون، ٻوڏون، ڏڪار، سڪار، شاديون، غميون، موت، بيماريون، راتين، ڏينهن ۽ موسمن جي مٽا سٽا ٿيندي رهندي آھي، ان ڪري ڪنهن به سال جي اچڻ يا گذري وڃڻ سان انساني اهنجن يا خوشين ۾ ڪا خاص گهٽ وڌائي نه ٿي ٿئي، ليڪن ڪڏھن ڪنهن سال ۾ وبائي بيماريون، زلزلا، يا جنگيون اينديون آھن ته وڏي تباهي ٿيندي آھي، اها تباهي ان سال جي رڪارڊ ۾ وڏي جاءِ والاري وٺندي آھي. هيلوڪي سال ۾ به،  گذريل سالن جيان عالمي توڙي ملڪي واقعا رونما ٿيا! جن جا ڏکوئيندڙ اثر پري پري تائين پهتا. هن سال 19 مئي تي ايراني صدر  ابراهيم رئيسي پنهنجي وزيرن سميت آزر بائيجان ويجهو ايراني سرحد ۾ جهاز جي حادثي ۾ گذاري ويو. 63 سالا ابراهيم رئيسي 2021ع ۾ ايران جو صدر چونڊيو ويو هو. 30 جولائي 2024ع تي بيروت تي اسرائيلي حملي ۾  حزب الله جو ڪمانڊر فواد شڪر مارجي ويو، جنهن جي سر جي قيمت آمريڪا پنجاهه لک ڊالر لڳائي هئي، 31 جولائي تي تهران ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا کي شھيد ڪيو ويو، 27 سيپٽمبر تي اسرائيلي هوائي حملي ۾ حزب الله جو سربراهه حسن نصرالله شھيد ٿي ويو. 17 آڪٽوبر تي حماس اڳواڻ يحييٰ سنوار ماريو ويو، اهڙي طرح اسرائيل جي حملن ۾ حماس ۽ حزب الله جي ڪمانڊرن سميت هزارين عام شھري مارجي ويا ۽ انهن جا گهر تباهه ٿي ويا، عالمي دنيا اسرائيلي حملن کي روڪڻ ۾ ناڪام ويئي.

هن  سال 6 آگسٽ تي بنگلاديش ۾ شيخ حسينا واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، شاگرد مظاهرن جي ڪري هوءَ  وزيراعظم هائوس مان  جهاز تي نڪري هندستان هلي ويئي ۽ بنگلاديش ۾ عبوري حڪومت جو قيام عمل ۾ آندو ويو.  8ڊسمبر 2024ع تي شام ۾ صدر بشارالاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، شامي باغين سواءِ ڪنهن حڪومتي مزاحمت جي،  دمشق جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو، صدر  ڪٽنب سميت جهاز تي چڙھي روس ڀڄي ويو، جتي هن سياسي پناهه ورتي. هن سال دُنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندڙ اليڪشنن جي نتيجي ۾ سياسي تبديليون آيون، ليڪن روس ۾ ولادمير پيوٽن، ھندستان ۾ مودي ۽ پاڪستان ۾ شھباز شريف ساڳيا ئي حڪمران اقتدار ۾ موٽي آيا، آمريڪا ۾ ھن سال جي ٿيندڙ  اليڪشن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو ٻئي دفعي ستيتاليهون صدر چونڊجي ويو.

هن سال جتي سڄي دنيا ۾  لکن جي تعداد ۾ جنگي حملن، بيمارين ۽ بک سبب ماڻھو مئا، اتي سنڌ ۾ سون جي تعداد ۾  اغوا، قتل،  خودڪشين ۽ ايڪسيڊنٽ جي نتيجي ۾ ماڻھو  اجل جو شڪار ٿيا. گذرندڙ سال  موسمي تبديلين سبب به ساري دنيا تي  ناڪاري اثر پيا.  ايندڙ سال جي آمد  تي دنيا جتي جشن پئي ملهائيندي، اتي شورڪي جي پس مانده  علائقي جي ٻن جهوپڙين ۾  گهر ڀاتي آلن نيڻن سان دعا لاءِ هٿ کڻي ويٺل هوندا، جن جا ٻه پورهيت  هاشم ۽ علي خان چانڊيو 19 ڊسمبر تي مزدوري سانگي  ويندي ڄامشوري مان گم ٿي ويا ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ سندن ئي نمبر تان سندن وارثن کي ويهه لک ڀري ڏيڻ جي فون آئي،  پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن لاش کڻي وڃڻ جو چيو ويو، اهڙي فون اچڻ کان پوءِ انهن  گهرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، هاڻي، هو سندن پيارن  جي موٽي اچڻ لاءِ دعائون  ويٺا گهرن ۽ انهن جون واٽون تڪڻ لڳا آھن. آئون  2024ع سال جي اهم واقعن جو ذڪر ڇڏي ماضي ڏانهن موٽان ٿو، ته مون کي ڪيئي يادون  ستائي رهيون آھن، ياد آيو هڪ گگھ انڌاري رات، درگاهه جي ٻاهران اڱڻ ۾ گائڪن جي ٽولين پنهنجي پنهنجي ٻارين ۾ ڪورس جي انداز ۾ صوفي ڪلام ٿي ڳايا، مقبري اندر، ٿورو مٿان چبوتري تي شمع ٻري رهي هئي، شمع جي روشني قبر جي مٿان پيل پڙن جي چمڪ سميت چوڌاري سڀ ڪجهه ڏيکاري رهي هئي، مقبري جي ساڄي پاسي کان هڪ وينگس ڪنهن ڳوڙھي گمان ۾ دعا لاءِ ھٿ مٿي ڪري ويٺل نظر ٿي آئي، شمع جي روشني هن جي چهري تي شفق رنگي جيان پئجي رهي ھئي، هن جي اکين ۾ آلاڻ جا اهڃاڻ چٽا نظر ٿي آيا، هن ۾ اڪيلائپ جو احساس محسوس ٿي رهيو هو، هونئن به اڪثر ماڻھن جي من ۾ اڪيلائپ جو احساس تڏھن رهندو آھي، جڏھن وڇوڙو هنن کي وڍ ڏيندو آھي، اوچتو هوا جو جهونڪو لڳو، شمع اجهامي ويئي،م ون سوچيو شمع ته نيٺ اجهامڻي آھي، شمع اجهامڻ کان پوءِ اونده گهري ٿي ويئي، مقبري اندر ويتر خاموشي ڇانئجي ويئي ۽ ٻاهريون راڳ جو آواز به اوچتو بند ٿي ويو، مون کي ان وقت شعر ياد آيو.

ڏيئو ٻريو، اجهامي ويو، هوا ويئي گذري،

ڪنهن اداس دل کي سڀ ڪجھ ويو وسري.

سوچيان ٿو ته هر گذرندڙ گهڙي ماضي ٿي وڃي ٿي، هر ايندڙ رات نيڻن ۾ خواب کڻي اچي ٿي ۽ اڇي باک ڏيئي گم ٿي وڃي ٿي، هر اڀرندڙ سج نون کٽڪن سان اچي ٿو، هر ماڻھو جي روزمره جي ڊڪ ڊوڙ سان ان جي پڄاڻي ٿئي ٿي، خواب، کٽڪا، ڊڪ ڊوڙ، هر گذرندڙ رات ۽ ويندڙ ڏينهن جي وهڪري ۾ لڙھندا ٿا رهن، هر ايندڙ وقت اميدن، ۽ امڪانن سان روشن رهي ٿو، دنيا ۾ ڪيئي ماڻھو ايندڙ وقت جي آمد تي جشن ملهائين ٿا ۽ جڏھن اهو وقت گذري ٿو وڃي ته پويان ڳوڙھا ڳاڙين ٿا، ھن خوبصورت ڪائنات ۾ زندگيءَ جو رستو اوکو به هجي ٿو ته ڪڏھن سوکو به! ماڻھو ساري زندگي مقصدن پٺيان ڊوڙندا رهندا آھن، پر خواهشون پوريون نه ٿي سگهنديون آھن، ماڻھو خواهشن پٺيان ڊوڙي ڊوڙي عمر گنوائي ڇڏيندو آھي، پُءِ سواءِ افسوس جي، ڪجھ به نه ٿي سگهندو آھي. بهتر زندگي اها آھي، جنهن ۾ احساس، انسانيت، ميٺ محبت ۽ پيار هجي.