ڏيپلو(ن پ ا)گرمين جي موسم شروع ٿيندي ئي پيئڻ جو مٺو پاڻي اڻلڀ، جر سڪڻ لڳو کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب بيماريون وڌڻ لڳيون، جڏھن ته ڏيپلو ۾ نهري مٺي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي چار مهينن کان بند، شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا، پاڻي جي بندي ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻي ڪلوئي پهتو، جتي زيرو پوائينٽ تي ٺهيل ٽانڪيون فل ڪيون ويون آهن، ليڪن انتظاميا جي نااھلي سبب ڪلوئي کان ڏيپلو پاڻي نه پهتو آهي، ڪلوئي کان پائيپ لائين وسيلي ڏيپلو شهر کي نهري مٺي پاڻي جي سپلاءِ لاءِ ڪڏھن موٽرون خراب ته ڪڏھن لائيٽ ڪٽيل ته ڪڏھن پائيپ لائينون ٽٽل ھجڻ ڪري پاڻي ڏيپلو پهچي نه سگهيو، جنهن ڪري پيئڻ جي مٺي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي، شهري پيئڻ جي لاءِ پاڻي جو ٻه سئو رپين وارو ڊرم به چار سئو کان پنج سئو ۾ وٺڻ لڳا، جڏھن ته غريب ڪٽنب صحت لاءِ هاجيڪار کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، کارو پاڻي استعمال ڪرڻ سبب ٻار توڙي وڏا الٽي، ڊائريا جهڙين خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا، ان ڏس ۾ شهرين مولوي عباس ڪلر، درپن موراڻي، اشرف بجير، شفيع پنڇارو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي ٿرپارڪر ۽ ٽائون انتظاميا ڏيپلو جي نااھلي جي ڪري شھري پيئڻ جي مٺي پاڻي کان محروم آهن، کارو پاڻي استعمال ڪري بيمارين سبب پريشاني جو شڪار آهن، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي جي ڪري گذريل چئن مهينن کان پيئڻ جي صاف پاڻي جي سپلائي نه ٿي سگھي آهي، ڏيپلو جا شهري کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن، انتظاميا کي ڀلاري مهيني جو خيال نه آيو، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ روزيدار کاري پاڻي تي سحري ۽ افطاري ڪرڻ تي مجبور آهن، ڇاڪاڻ ته ڏيپلو شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو ٻيو ڪوبه وسيلو نه آهي، جتان شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي، اسان جا ٻارڙا کارو پاڻي واپرائڻ جي ڪري پيٽ جي بيمارن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، اسان ضلعي انتظاميا کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته ڏيپلو شهر ۾ روزانو جي بنياد تي هزارين گيلن پاڻي فرام ڪندڙ آروپلانٽ پنج سالن فني خرابي سبب بند پيل آهي. پاڻي جي سپلائي نه ٿيڻ تي شهرين جي شڪايت کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر سان رابطو ڪرڻ لاءِ فون ڪئي وئي، پر ڊي سي فون اٽينڊ ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي.