ڏيپلو (ن پ ا)ڏيپلو  ۾ ايجوڪيشن يوٿ پروموٽر آرگنائيزيشن ڏيپلو طرفان گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڏيپلو ۾ چوٿون ايجيوڪيشن فيئر سائنسي ميلو رکيو ويو، سائنسي ميلي ۾ تعلقي ڏيپلو جي پنجويهه کان مٿي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ھاءِ اسڪولن جي شاگردن ڪتابن جي اسٽال سان گڏ سائنسي ۽ ٻيا مختلف ماڊل کڻي پيش ڪيا. ۽ شاگردن پرفارمنس ڪري خوب داد حاصل ڪيو جڏھن ته ميلي ۾ انور جوڳي ريجنل ڊائريڪٽر  علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ٿرپارڪر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته تعليمي سائنسي فيسٽيول مان ڏيپلو جي شاگردن جو ٽيلينٽ ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڪافي پوئتي رهجي ويل شاگردن کي ھن سائنسي ميلي ۾ گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو ملي ٿو تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچڻ لائي هنن پروگرامن جي شدت سان ضرورت آھي جيئن شاگردن کي ٽيلنٽ ظاهر ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.