ڏيپلو(ن پ ا) ڏيپلو ۾ پلاٽ تي مبنيا قبضي ۽ حملي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج خبر موجب ڏيپلو ۾ لوھار برادري جي مردن ريجهو، مجيد، ايسر، ڪانجي، ڪيسب ۽ عورتن گوري، پارتي، اندرا ۽ ٻين ٻارڙن سميت پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته خميسو ۽ سندن زال ٻانهيان جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته خميسو نشي جو عادي آهي، جنهن ڪري ھو اسان سان جهيڙو ڪري ٿو، جڏھن ته ڪانجي دانهيندي چيو ته پلاٽ منهنجو آهي، خميسي کي به ڀاءُ سمجهي مون پلاٽ ڏيئي ويهاريو، ھاڻي سموري پاڙي جو مالڪ ٿي اسان کي تنگ ڪري ٿو، آئون غريب ھجڻ ڪري ھي جڳهه اسان کي غلام مصطفيٰ ميمڻ وارن 2012ع ۾ ٺهرائي ڏني آهي، جنهن تي ھي زوري زبردستي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي، اسان جي گهر جون ديوارن ڊاھي ڇڏيون آهن، رات به ليلي کي ڌڪ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو اسپتال ۾ داخل آهي، رات چونئري مان سامان ڪڍي پاڻ پنهنجي چونئري کي باهه ڏيئي اسان تي ڪوڙا الزام ھڻي رھيو آهي. منهنجي برادري سميت پاڙي ۾ رھندڙ پاڙھا، سومرا، ڪولهي ڪنهن کان به انڪوائري ڪرايو ته پلاٽ ڪنهن جو آهي، اسان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪريون ٿا ته قانوني طرح انڪوائري ڪري اسان مسڪينن سان انصاف ڪيو وڃي.