ڏيپلو(ن پ ا)ڏيپلو شهر ۾ صفائي ڪندڙ عملي جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو، ٽائون آفيسر ھٽايو، غريبن سان انصاف ڪيو ، ٺيڪيداري سسٽم ختم ڪري مھيني وار پگهار ڏيو جا نعره ھڻندي پرڪاش گجراتي، شنڪر، سنيل،سريش ۽ ٻين چيو ته اسان کي 600 ڏھاڙي ڏيئي شهر جي صفائي جو ڪم ورتو وڃي ٿو، جيڪو پڻ ڏيڍ مهيني کان نه ٿا ڏين اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آهن. برساتن دوران ڏينھن رات ڪم ڪيون ٿا شهر جو گند، گٽر نالا اسان صاف ڪيون ٿا، اھو به ڇه سئو ڏھاڙي تي جيڪا به نٿي ڏني وڃي.بيروزگاري سبب اسان جي تقريبا ويهه گهر ھيا جنهن مان ٻارنهن گهر لڏي ويا ٻين شهرن ڏانھن، اسان کي روزگار نه مليو ته اسان به لڏي وينداسون ، سنڌ حڪومت اعلان ڪيو ته پورھيت کي گهٽ ۾ گهٽ 36 ھزار اجورو ڏنو وڃي، ليڪن ھتي 18ھزار ڏين اھو به ٽائيم تي نٿو ملي اسان بالا اختيارن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي پڪو ڪري رکيو وڃي ۽ بينڪ جي ٿرو پگهار ڏني وڃي، ته جيئن اسان مان بيروزگاري جي پريشاني ختم ٿئي. اگر اسان جو مسئلو حل نه ٿيو ته ٻيھر سومر جي ڏينھن پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين.  هوڏانهن ٽائون چيئرمن وڏيرو نواز علي جوڻيجو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته ڪائونسل رٿ پيش ڪري سينيٽري ٺيڪيدار کي ڏنل ٺيڪو ختم ڪيو، جنهن کان پوء ٽائون آفيسر مقرر ٿيو جيڪو ڪوبه بل صحيح نٿو ڪري، جڏهن ته ٽائون آفيسر ذوالفقار آفيس ۾ نه ھجڻ ڪري فون تي رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته مون بل صحيح ڪري ڇڏيا آهن چيئرمن پاڻ نٿو ڪري وري الزام مون تي ٿو ھڻي ته بل صحيح نٿو ڪري.  ڏيپلو. صفائي ڪندڙ عملي ڏيڍ مھيني کان ڏھاڙيون نه ملڻ ڪري ھفتي کان ڪم بند ڪري ڇڏيو. جنهنڪري ڏيپلو شهر گندگي جو ڍير بنجي ويو آهي، اسڪول،اسپتال، مارڪيٽ جي ھر گلي ھر محلي ۾ گندگي وڌڻ ۽ گٽر نالا اٿلڻ ڪري بدبو سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. جنهن ڪري شهرين جي ننڊ حرام ٿي ويئي آھي.