ڏيپلو(ن پ ا) ڏيپلو ۾ صفائي ڪندڙ عملي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي انيش، سيتل، سنجي، ساگر، مينا، ڪويتا، پاروتي ۽ ٻين چيو ته اسان 15 کان 20 سالن کان ڏھاڙي تي ڪم ڪري رھيا آھيون، پڪو نٿو ڪيو وڃي. اسان جي ٽيھه گهرن ۾ ٽي سئو کان مٿي گهر ڀاتي آھيون، جنهن ۾ صرف ست ڇوڪرا ڏھاڙي تي رکيا ويا آھن، جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي ۾ صرف ٻه پڪا ملازم ڀنگي آھن، باقي سفيد پوش ڀرتي ٿيل آھن، جنهن ڪري اسان کي اسان جو حق نٿو ملي. ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو پاران ساڍا ڇهه لکن ۾ صفائي جو ٺيڪو ڏنل آھي، جنهن ۾ ست ڀنگي ٻه ڪولھي. ٻه ڀيل، ھڪ مڱڻھار، ھڪ مھر ٽوٽل تيرنهن ڇوڪرا ڇوڪريون 600 ڏھاڙي تي رکيا ويا آھن، ھن مهنگائي جي دور ۾ 600 ۾ اسان جو گذر سفر نٿو ٿئي. اسان ٻيو ڪو ڪم به نٿا ڪري سگهون، صفائي، جو ڪم اسان جو آھي، ليڪن ٻيا ملازم ڀرتي ڪري اسان جي روزي بند ڪري ڇڏي آھي، ڊيوٽي نه ھجڻ ڪري اسان جا ڪجه ماڻھو لڏي ٻين شھرن ڏانھن ھليا ويا آھن، اسان کي ڪم نٿو ملي اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھن.