ڏيپلو (ن پ ا) “انتها پسندي کان آجي سنڌ” جي سري ھيٺ شائينگ اسٽار ماڊل اسڪول پاران ٻن ڏينھن لاءِ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو، پروگرام بابت اسڪول جي پرنسپال چندر پرڪاش ٻڌايو ته اسان اسڪول ۾ ثقافت جي حوالي سان ڪجهه نواڻ آندي آھي، سنڌ جي ثقافت پراڻي آھي، جنهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اھڙا پروگرام ضروري آھن، اسڪول ۾ شادي جو ٽيبلو پيش ڪرڻ لاءِ گهوٽ، ڪنوار کي سنڌي ڳيت ڳائيندي آندو ويو، جڏھن ته گهر ۾ ٻه وڏي عمر جا پيرسن کٽ تي ويھاري، عورت لسي ولوڙيندي جا ٽيبلوز پيش ڪيا جڏھن ته ٻارڙن پاران اسڪول ۾ شين جا اسٽال لڳايا ويا آھن. جنهن جي مراد پراڻي زماني ۾ وکر ڪيئن وٺجي ٿو.