ڏيپلو(ن پ ا) ڏيپلي ۾ جميعت علماءَ اسلام جي سڏ تي، عوامي تحريڪ، شھري اتحاد، جماعت اسلامي، واپاري ايسوسيئيشن پاران شهر کي 6 مهينن کان نهري پاڻي جي سپلاءِ نه ٿيڻ ۽ بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب اڳيان مولانا عباس ڪلر، حافظ حيدر نھڙي، نيڪ محمد ڪلر، ڪبير، ربنواز نهڙي، نديم پاڙهو، عمران باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو اڳواڻن چيو ته ڏيپلو شهر 6 مهينن ۾ صرف 15 منٽ پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سپلاءِ ڏني وئي ھئي جنهن کي به ٻه مهينا ٿي ويا آهن، پاڻي ملڻ سبب شهري کارو پاڻي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن، صحت لاءِ هاڃيڪار پاڻي واپرائڻ سبب رهواسي ڊائريا، الٽين ۽ ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، ان علاوه تعلقي اسپتال ۽ ٽائون ڪاميٽي، صرف آفيسر ۽ وڏيرن جون اي ٽي ايم مشينون آھن، تعلقي اسپتال ۾ دوائون نه نٿيون ملن، ٽيسٽون ٻاهران ڪرائيڻيو ٿيون پون، اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ آهي، گذريل رات برسات بعد گٽر نالا اٿلي پيا روڊن تي گندو پاڻي جمع ٿي ويو، ڪلر محله، بدين اسٽاپ، حاميد پارڪ تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي.