ڏيپلو (ن پ ا) گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ هلال اسڪول ڏيپلو پاران سالياني نتيجن جي اعلان ۽ اعزازي استاد جي ورڇ جي سلسلي ۾ هڪ شاندار ۽ باوقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، والدين، شهرين ۽ علمي، سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران شاگردن پاران تلاوت، چٽا ڀيٽي مقابلا، تقريرون، شاعري، نظمون، فزيڪل پرفارمنس ۽ مزاحيا خاڪا پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، ان کان علاوه علمي ۽ فڪري صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خصوصي مباحثي جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جو عنوان هو، ”سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنال، انصاف يا ناانصافي؟“ هن مباحثي کي شهرين تمام گهڻو ساراهيو ۽ شاگردن جي سوچ، منطق ۽ اظهار جي واکاڻ ڪئي وئي. تقريب جي آخر ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن کي رزلٽ ڪارڊن سان گڏ ايوارڊ ۽ مڊل پڻ ڏنا ويا، شهرين پاران اسڪول جي بهترين ڪارڪردگي، اعليٰ معيار جي تعليم ۽ ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي پرنسپال عبدالرحمان اوٺو ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪئي وئي،تقريب ۾ چئرمين ٽائون ڪميٽي ڏيپلو نواز جوڻيجو، پروفيسر عبدالحفيظ نهڙي غلام مصطفيٰ ميمڻ امام الدين نهڙي، بلال نهڙي، الله بخش مانجهي، سيٺ مقبول نهڙي، دليو پروانو سميت والدين ۽ شهرين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي،آخر ۾ اسڪول جي پرنسپال عبدالرحمان اوٺو سڀني آيل مهمانن، والدين ۽ شهرين جو  شڪريو ادا ڪيو ۽ والدين کي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ گڏجي هلڻ جي اپيل ڪئي.