ڏيپلو(ن پ ا) ڏيپلو جي ڳوٺ ويرھاڙ ۾ 16سالا يتيم نينگر اڀيش ولد تماچي ميگهواڙ سان مبينا زيادتي، نينگر جو چاچو آچار نينگر اڀيش کي ٿاڻي آڻي سباش ميگهواڙ خلاف درخواست ڏئي ليٽر وٺڻ بعد تعلقه اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آهي، جنهن جي رپورٽ ٽن ڏهاڙن بعد جاري ڪئي ويندي، ان ڏس ۾ ايس ايچ او حسين بخش راڄڙ سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آچار جي درخواست تي ميڊيڪل ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏھن ته ڳوٺاڻن مطابق نينگر يتيم آهي پي ۽ ماءُ نه اٿس، نينگر کي موڪن جي بيماري آهي، ذريعن موجب جوابدار ڌر سان ڳوٺ جي ماڻھن جا اختلاف ھلندڙ آھن، جنهن ڪري کيس بدنام ڪرڻ لاءِ ھن درويش کي استعمال ڪيو پيو وڃي.