ڏيپلو(ن پ ا) ڏيپلو لڳ ڳوٺ ٻپراڙيو ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب غريب پورھيت ھيرو ٺڪر جا ٽي  ڪکاوان چونئرا سڙي رک ٿي ويا، اوچتو باھ لڳڻ تي فائربرگيڊ کي اطلاع ڏيڻ سان گڏ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باھ وسامڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا. بعد ۾ فائربرگيڊ پھچي باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو. جنهن ڪري وڌيڪ گهر سڙڻ کان بچي ويا. جڏھن ته باھ سبب گهريلو سامان کٽون، بسترا ۽ ڪجهه مال جو چارو گوار ۽ پلڙا سڙي رک ٿي ويا، غريب پورھيت ھن سردي جي موسم ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي .