ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ويجهو نينگر زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ سينهر کوھي ۾ 16 سالا نينگر آنند ميگهواڙ زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کي تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب نينگر جو دماغي توازن صحيح نه ھو جنهن ڪري هن زهريلي دوا پي آپگهات ڪيو، نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.