ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلو ويجهو ڳوٺ پڙھياري بجير ۾ بجير برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ مانجهي، رفيق، ممتاز، اصغر، محمد علي، اقبال، عبدالروف، عبدالرزاق ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي مقامي اسپتال آندو ويو، جتان 4 ڄڻن ممتاز، اصغر، محمد علي ۽ عبدالرئوف جي حالت نازڪ ھجڻ سبب کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.