بنڪاڪ (انٽرسٽنگ نيوز) ٿائي لينڊ ۾ هڪ قبرستان ۾ اهڙو ايونٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائلينڊ جي هڪ چيني قبرستان ۾ ابدي ننڊ ستل ماڻهن يعني مئلن لاءِ فلمن جي خاص اسڪريننگ ڪئي وئي
اتر ٿائلينڊ جي صوبي ريچشيما ۾ اهڙي انوکي پروگرام جو بندوبست ڪيو ويو. 2800 قبرن واري هن قبرستان ۾ فلم فيسٽيو ۾ مئل ماڻهن لاءِ خاص سيٽن جو بندوبست پڻ ڪيو ويو، جيڪي آخر تائين خالي رهيون
اهو عجيب پروگرام جون جي مهيني ۾ ٿيو ۽ ان جو مقصد دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويل ماڻهن کي فلمن جا مزا ماڻڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ هو
اهو ايونٽ پنجن ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ فلمن جي اسڪريننگ دوران قبرستان جي عملي جا 4 ماڻهو موجود هئا. عملي روحن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست به ڪيو هو پر اهو واضح ناهي ته ان جو ڇا ٿيو