رامائڻ کي رشين ذريعي تخليق ڪيو ويو. رامائڻ وير گاٿا EPIC جو ليکڪ رتناڪر شڪاري ڌاڙيل والميڪ رشي هو، پيرسني ۾ گيان سان لڳي ويو. هن ڪٿا کي شاعرانه انداز ۾ تلسي داس لکيو، جيڪو برهمڻ هو. شاعرانه فن ڪمال جو آهي. رامائڻ ۾ کوڙ سٺيون ۽ نصيحت آميز ڳالھيون به ڪيل آهن. ڪي تاريخدان رام ۽ راوڻ جي قصي کي دراوڙ- آريا تضاد طور ڏسن ٿا. هن ڏڻ جي عقيدي واري ڌرمي تشريح کي عقل جي تناظر ۾ به سمجهڻ گهرجي. اتر انڊيا جي برهمڻن فيصلو ڪيو ته برهمڻ راڄ کي وڌايو وڃي ۽ دراوڙ حڪمرانن کي شڪست ڏني وڃي ته جيئن آريا سماج اڏي سگهجي.
ڏکڻ هندوستان ۾ دراوڙ حڪمران جهڙوڪ راوڻ، ولي (ڪشڪند)، شنبوڪا، ۽ تاتڪي راڄ ڪندا هئا. تاتڪي هڪ عورت حڪمران هئي، جنهن کي برهمڻن قتل ڪيو ۽ ان جي رياست تي قبضو ڪيو. شنبوڪا کي به ماريو ويو، ۽ ان جي سلطنت تي ناجائز قبضو ڪيو ويو. ان جارحيت خلاف وڏي مخالفت ڪشڪند ڪئي، جنهن کي ولي به سڏيو ويندو هو. ڪشڪند جي ڀاءُ سگريو کي برهمڻن پنهنجو ڪيو ۽ غداري سان هڪ مضبوط حڪمران کي قتل ڪيو ويو. راوڻ به هڪ طاقتور دراوڙ حڪمران هو. هن برهمڻن جي جارحيت خلاف هڪ مضبوط رياست ٺاهي هئي، جنهن جي گادي سري لنڪا ۾ هئي. هڪ خوبصورت دراوڙ عورت شورپنڪا رام سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي. هي رام سان شادي جو اظهار ڪري ٿي، جڏهن ته لڪشمڻ ان جو نڪ چپ وڍي ٿو. هن واقعي جي رد عمل ۾ راوڻ جوش ۾ اچي ٿو، ۽ بدلي ۾ سيتا کي اغوا ڪري ٿو. سيتا کي آزاد ڪرائڻ لاءِ رام سري لنڪا تي حملو ڪري راوڻ کي ماري ٿو. ايئن ڏکڻ هندوستان تي برهمڻ آريا قابض ٿي ويا. برهمڻ آرين وٽ مضبوط پدرشاهي جو نظام هو. ڪوتليا رياست ۾ منو برهمڻ جا قانون عمل ۾ آندا ويا. هي سارو احوال پروفيسر ڪانچه الائيه پنهنجي ڪتاب Why I am not a Hindu ۾ ڪيو آهي.
ڏياري جو تهوار ڪَتي مهيني جي اُماوس تٿ تي ملهايو وڃي ٿو. ڏيئا ٻاري گهر روشن ڪيا وڃن ٿا. ڦٽاڪا ٻاري ۽ مٺايون ورهائي خوشيون ڪيون وڃن ٿيون. ان ڏڻ جو پسمنظر رام ڪهاڻي سان منسوب ٿيل آهي، پر جين مت جا پيروڪار مهاوير جي نرواڻ جي مناسبت سان هن ڏڻ کي ديپالڪا ڪري ملهائين ٿا. جڏهن ته ٻڌ مت جا ماڻهو اشوڪا جي اهنسا جي فلسفي تحت اشوڪا وجئه دشمي طور ملهائين ٿا. ڪي تاريخ نويس لکن ٿا ته ڏياري رام جي بنواس اچڻ کان اڳ به ملهائي ويندي هئي. رامائڻ ڪٿا کي والميڪ لکيو. چيو وڃي ٿو ته والميڪ هڪ ڌاڙيل ۽ شڪاري هو. هن ساڳي رامائڻ وير گاٿا کي تلسي داس شاعرانه انداز ۾ لکيو آهي. رام- راوڻ جي هن ڪهاڻي کي ڌرمي معنيٰ ۾ ملهايو وڃي ٿو.
ڏياري کي روشنين جو تهوار چيو وڃي ٿو. روايتي زندگي ۾ تهوارن جو اچڻ هڪ لحاظ کان نواڻ ۽ تازگي جو احساس به آهي، پوءِ کڻي انهن تهوارن پويان تاريخ ۽ ڪٿا ڪهڙي به هجي. سناتن ڌرم جي نالي ڪافي تهوار ملهايا وڃن ٿا، حقيقت ۾ اهي ثقافتي تهوار به آهن، جيڪي مختلف موسمن سان به منسوب ٿيل آهن. ويساکي، رکڙي، سانوڻ ٽيج ۽ هولي جهڙا تهوار ڌرم کان وڌ ثقافت جي وصف تي ٺهڪن ٿا. انهن ئي ڏينهن ۾ عوامي سيڪيولر زندگي جا عڪس ۽ اولڙا دلفريب لڳن ٿا، ڇو ته انهن ئي تهوارن جي جوهر ۾ رقص و موسيقي، گيت ۽ رنگ زندگي جي رومانس سان ڀريل نظر اچن ٿا. هن رجعتي دور ۾ جيئڻ لاءِ نواڻ به ضروري آهي.
سنڌ ۾ به هي ڏياري جو ڏڻ ڏينهن ملهايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ جتي ڀيل، اوڏ، ڪولهي وغيره زميندارن وٽ هارپو ڪن ٿا. وڏيرا انهن جي پورهيي ۽ پگهر تي پلجن ٿا. ڏياري جي ڏينهن تي به اهي مرد ۽ عورتون ڦٽيون ۽ مرچ چونڊيندي نظر اچن ٿا. اهي ماڻهو اهي ڏڻ به ملهائڻ کان محروم آهن. کپري کان امرڪوٽ تائين اهڙي ڪرت ۾ مشغول هاري ڏسي سگهجن ٿا. پيشگي عيوض غلام بڻيل انهن ماڻهن جي خوشين کي ڪيئن ونڊجي، جڏهن اهي هن نظام کان تنگ اچي خودڪشي جي آپشن تائين به پهچي وڃن ٿا.
هڪ پورهيت ڏيئا ٻاري پنهنجو گهر روشن ڪري ٿو، پر هن کي صرف اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته هن جي غربت ۽ بدحالي جو سبب ڪا به ديوي نه، پر هي پير, وڏيرو, سرمائيدار ۽ جاگيردار آهي. ڌرم ذريعي به وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو. هاڻ ته سرمائيدار طبقي تهوارن کي به ڪمرشلائيز ڪري ڇڏيو آهي. ڏياري تي هي بورجوا طبقو جشن ۽ آتشبازي تي وڏو خرچ ڪري ٿو، جڏهن ته پورهيت انهيءَ ڏينهن تي ماني ڳڀي لاءِ پريشان هوندو آهي. ان ڪري تهوار طبقاتي تضادن کي به واضح ڪن ٿا. ڏيئو روشن خيالي جو استعارو آهي، پر سرمائيدار مينيوفيڪچرڊ ڏيئا وڪڻي سرمائي ۾ اضافو ڪن ٿا. فائر ڪريڪرس جي ٻرڻ سان ماحولياتي آلودگي ۾ اضافو ٿئي ٿو.
ڌرمي تهوارن ۾ خوشي جو تصور ڪهڙو آهي؟ انسان جي هڪ خواهش اها رهي آهي ته خوش زندگي گذارجي. خوش زندگي جي تلاش جو سفر ڏکن سان ڀرپور هوندو آهي. هونءَ به جنهن سماج ۾ پاڻ رهون پيا، ان سماج جا ماڻهو خوش رهڻ جي خوابي دنيا ۾ ته رهيا آهن پر حقيقت ۾ خوشيون انهن ماڻهن جي مزاج وٽان نه رهيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته خوشين جو تعلق انسان جي معاشي، سياسي ۽ سماجي زندگي سان آهي. هاڻ خوشين جي هيڪل وياڪل دنيا کي پرکيو! حقيقت اها آهي ته غريب جي جهوپڙي روشن ٿيڻ کان وانجهيل آهي. خوشيون ته دراصل سيٺين ۽ سرمائيدارن جون آهن، جيڪي هنن ڌرمي تهوارن تي به خوب ڪاروبار ڪن ٿا. پئسي جي پوڄا کان سواءِ هنن ٻيو ڪو به فضيلت وارو ڪم ڪيو آهي؟ هنن ته ڌرم کي ذاتي ۽ ڪاروباري مفاد لاءِ پئي استعمال ڪيو آهي. هونءَ به دنيا ۾ ڌرم جي نالي تي غريب عوام جو استحصال تمام گهڻو ٿيو آهي. حقيقت ۾ سمورو ڏوھ انهن مفاد پرست ماڻهن جو آهي، جن ڌرم کي پنهنجي ذاتي لوڀ ۽ لالچ، ڌن ۽ دولت جي حصول لاءِ استعمال ڪيو آهي يا سهارو بڻايو آهي.
ڏياري تي معاشي طور سگهارا ماڻهو گهر سينگارين ٿا، جشن ڪن ٿا، ۽ طرحين طرحين جا کاڌا پچائين ٿا. انهن ڏينهن تي سرمائيدار خوب ڪاروبار ڪري ٿو. دڪاندار مهانگي اگھ ۾ شيون وڪڻي منافعو ڪمائين ٿا. اهو طبقو، جنهن وٽ هاري پورهيت جي باري ۾ سوچڻ لاءِ وقت ڪونهي، پر ان جي پورهئي جو استحصال ڪندو رهي ٿو. خوشي ۾ انسانيت جو احساس هجڻ ضروري آهي. جيئن ته هي ڏڻ فصل جي لهڻ کانپوءِ واندڪائي جي لمحن جو جشن به آهي. ڇا اها مسرت پورهيت کي ميسر آهي؟ خوشين کي محسوس ڪجي ۽ ملهائجي ڪجي، پر ڪجھ نئين انداز ۾ به سوچجي.[email protected]