ڏياري، جيڪو هندو ڌرم جو وڏو ڌرمي تهوار آھي. سڀ کان اول هِي مها اُتسوَ تريتا يُڳ ۾ تڏھن ملهايو ويو هو، جڏھن مريادا پرشوتم شري رامچندر 14 سال بنواس ڀوڳي ايوڌيا واپس وريو هو. آگياڪاري شري رامچندر جڏھن سندس پَتنيءَ ماتا سيتا ۽ ڀاءُ لڪشمڻ سان گڏ ايوڌيا نگريءَ ۾ پرويش ڪيو، تڏھن سموري شهر کي ڏيئن سان سينگاريو ويو هو. تنهن ڪري هن تهوار کي ڏياري چيو ويندو آھي، يعني ڏِيئن واري! ڏياري، جيڪا سال جي ڊگهي سفر پُڄاڻان حياتيءَ وارن لئه هڪ ڀيرو وري به وطن ۾ موٽي آئي آھي. ڪنهن ٻڳهڻ ڪُنوار جي هار سينگار جهڙي هِي ڏياري جتي ٻارن لئه هڪ معصوم حسرت هوندي آھي، اُتي ٻُڍن لاءِ به هڪ ياد تازي جو روپ هوندي آھي. جتي وڇڙيلن لاءِ وصال جو بهانو بڻجندي آھي، اُتي رٺلن لاءِ پرچڻ جو پروانو کڻي ايندي آھي. ڏياري، جنهن جو تصور ئي سُورج مُکيءَ جي گُل جهڙو سُندر آھي. ڏياري، جنهن جو نالو وٺڻ سان ماڻهو جي وات ۾ مڻين مصري اوتجيو وڃي. اهڙي ڏڻ تي اسان کي به خوش رهڻ کپي.ڏياري رڳو وديسيءَ وينگس جي ڪنچن ورنين ڪراين ۾ پاتل ڪانچ جي چُوڙين جو کجڪو ناهي پر ڏياري اُن غريب نينگريءَ جي مُک تي ٽڙندڙ ابهم مُرڪ جو به نالو آھي، جيڪا ٻين جي تن تي نوان ڪپڙا ڏسي ٻالڪ هٺ ڪرڻ بدران پنهنجي پورهيت پِيءُ جي پونجي جو ڀرم رکندي پُراڻن لٽن ۾ موناليزا وانگي مُرڪي ٿي. ڏياري رڳو ڊرائجن جا ڍُڪ کولي پيگ تي پيگ پيئڻ جو نالو ناهي پر رُکي روٽي کائي مٿان پاڻيءَ جو ڍُڪ پي سُڪون جو ساھ کڻي نه چاهيندي به مُرڪڻ جو نالو ڏياري آھي. ڏياري رڳو شاهوڪارن جي شاهي رڌڻن ۾ پچندڙ پنج پڪوانن جو نالو ناهي پر ڏياري اُنهن نرڌنن جي نجهرن ۾ نما شام ويلي اڌ مِريئي وگهار ۾ رڌل ڀت جي پليٽ ۾ به سڳند بنجي سمايل هوندي آھي.ڏياري رُڳو اڇن ڪپڙن جي نون وڳن ۾ لوڏ ڪندڙ سفيد ڪالر سماج جي سرهائيءَ جو ڏڻ ناهي پر ڏياري ته ميرن لٽن ۾ سڄو ڏينهن پاپي پيٽ لاءِ پانپرا ڪندڙ اُنهن مزدورن جي منوڪامنا به آھي، جن کي سڄي سال جي هماليءَ کان پوءِ به هڪ وڳو مس ملندو آھي. اُهي پنهنجن معصوم ٻارڙن کي عيدي بدران آٿت ڏيندا آھن ۽ اُنهن جا سمجهو ٻارڙا اُميدن جا وستر پائي اُداس عيدون ملهائيندا آھن. ها دوستو! پاڻ اُن صحرا جا رهواسي آھيون، جتي پاڻي بقول اعجاز منگي جي ته، “صرف ماڻهن جي اکين ۾ موجود آھي” جتي بي تحاشا بک ۽ ڏھاڙي ڏُک پڙ ڪڍي ويهي رهيا آھن، جتي بارشون به محبوب وانگي ماڻا ڪري وسن، جتي حياتيءَ جو ھرڻ ڏُکن جي رڻ ڪڇ ۾ روز تڙپي تڙپي مرڻ پنهنجو مقدر سمجهي ماٺ ماٺ ۾ سُور سَهندو رهي. اُتي اهڙي ڏھاڙي جي خوشي ڪجهه ڏُڍ ڏئي ويندي آھي.مڃون ٿا ته، خوشيون اسان لئه خُواب بڻجي ويون آھن ۽ ڏُک اسان جي مقدر جا مهمان بڻجي حياتيءَ جي دئاري ۾ اڻ دعوتيا اَتٿي بڻجي ويهي رهيا آھن پر ڇا ڪجي….؟ ڪنهن وينگس جي ڊِگهن وارن جهڙي هن وڏي زندگيءَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن نه چاهيندي به مُرڪڻو پوي ٿو ته ڪڏھن ڪڏھن اُداس هوندي به بي تحاشا ٽھڪ ڏئي کِلڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته هِيءَ حياتي هڪ رنگ منچ آھي، جنهن تي جيئڻ لاءِ اداڪاري ڪرڻي پوي ٿي. حياتي، جيڪا ڪڏھن صحرا جي سُڃ ۾ مور جي سُڏڪي جهڙي اُداس لڳندي آھي ته ڪڏھن ڪينجهر ۾ ٽڙيل تازي ڪنول جهڙي حَسين لڳندي آھي. ڪڏھن وشال نيڻن واريءَ مرگھ لوچني وينگس جي نڪ ڦُلي جهڙي ڀلي لڳندي آھي ته ڪڏھن سسئي جي سراپ کان پوءِ سُڃ ٿي ويل ڀنڀور جي شهر جهڙي ڀينڪر لڳندي آھي. هن دو رنگي دُنيا ۾ هميشه ٻه رنگ رچيل نظر ايندا آھن. فرد واحد کان وٺي سموري سماج تائين هر هنڌ ٻه رنگائي نظر ايندي آھي. اميري، غريبي، سردي، گرمي، پنهنجا پراوا، ڏُک، سُک، مطلب هر هنڌ ٻه رنگ آھن. هي ڪبير واري اُها “دنيا بڙي بانوري” آھي، جنهن ۾ ڪي اڌ ڍاوا رات جا تارا ڳڻي سُڪون سان سُمهندا آھن ته ڪي وڌ ڍاوا اوور نيوٽريشن جي عذاب ۾ سڄي رات ورچي جاڳندا آھن.
اسين اڌ ڍاوا اوهين وڌ ڍاوا،
اسين ڦٿڪون ٿا اوهين ڦاٽو ٿا.
(اُستاد بُخاري)
هيلوڪي هن ڏياريءَ تي سموري ديس لئه ڌڻي در اها ئي دعا آھي ته، شل هِي ڏياري هر منش لاءِ ھزارين خوشين جا سنديسا ساڻ کڻي اچي. شل ڪو به گهر ڏيئي جي روشني کان محروم نه رهي. ڪا به چُلهه چِڻنگ سواءِ نه هجي. هر گهر ۾ اڀرا سَڀرا طعام ترجن. ڪو به تن لٽي لاءِ نه لُڇي شل ڪنهن به من ۾ مايوسي نه هُجي. ڪنهن به جيجل جي جهولي مِٽيءَ جي سير لاءِ نه سِڪي، ڪنهن تان به ممتا جي ڇانوَ پل به پري نه ٿئي. ڪنهن به ڀيڻ جو ڀرم نه ٽُٽي. ڪا به ٻانهن چوڙين کان خالي نه هجي، ڪا به سِينڌ سندوُر لئه نه سڪي. هر ڳچيءَ ۾ هار سينگار بڻجن. هر نرڙ تي بنديا چنڊُ بڻجي چمڪي پوي. اي سنڌيو! هيلوڪي هن ڏياريءَ تي لڪشمي پوڄا ڪرڻ مهل ديويءَ جي در اڳيان جهولي جهلي ڌن گهُرڻ وقت منهنجي سنڌ جي هندو مُسلم ايڪتا لاءِ رب کان دعا ضرور گُهرجو:
اي ڪاش هماري وطن ۾ ايسي فضا بني،
ڪه مندر جلي تو رنج مُسلمان ڪو ڀي هو،
پائمال هو نه پائي مسجد ڪي آبروُ،
يي فڪر مندرون ڪي نگهبان ڪو ڀي هو.
(لتا حيا)
اي منهنجا محبوب ديس واسيو..! هيلوڪي هن ڏياريءَ تي پنهنجي کوڙ خوشين ۾ انهن کي به ضرور شامل ڪجو، جن جو ڪير به ناهي! ڏياريءَ جي تريل طعام جو پهريون گِرهه وات ۾ وجهڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور خيال ڪجو ته توهان جي پاڙي يا ڳوٺ ۾ ڪو بُکايل ۽ ڏُکايل ته ناهي! ڦٽاڪي ڦاڙڻ کان اڳ ۾ اهو ضرور سوچجو ته اوهان جو اڇلايل ڦٽاڪو ڪنهن غريب جي جهوپڙيءَ کي شمشان نه ڪري وجهي. نوٽن کي گلال جو تلڪ لڳائڻ مهل اهو خيال ڪجو ته انهن نوٽن جي ڪنهن ڏيجوان ڏوٿيءَ کي به وڏي ضرورت هوندي, جنهن جي ڏياري ان ڪري نه ٿي سگهي جو هُو سيوين جو پُڙو به سودي نه سگهيو. هن ڏياريءَ تي اُنهن ٻارڙن جي آسمان وانگي کُليل هٿ ترين تي سخا جا ٻه سڪا ضرور رکجو، جن جا سهارا وقت جي ستم ظريفين جو شڪار ٿي ويا آهن يا مقدر ۾ مليل مفلسيءَ جي ڪري مجبوريءَ جي جهان ۾ گمنام آھن. اوهان جي ڏنل سڪن تي اُڪريل چنڊُ جو عڪس انهن معصومن جي اکين جي ڪينجهر ۾ ڪيئي سرهائي جا رقص ڪرائي ويندو. هن ڏياريءَ تي اُن جيجل کي به آٿت جا ٻه ٻول ٻولائجو، جنهن جو لخت جگر هن محبوب وطن جي سرحدن تان وارجي شهيد ٿي ويو. ها اُن پتيءَ ورتا پتنيءَ کان به عيد تي احوال وٺجو، جنهن جو ور عيد تي پنهنجي گهر موٽي نه سگهيو، رڳو ان ڪري جو ان کي سيٺ کان موڪل ملي نه سگهي. اُن نردوش ناريءَ جي نا اميد اکين ۾ مري ويل اڻ سمهويل وارن جهڙي ڏياريءَ جي ڏُک جو ڪاٿو ڀلا ڪير ڪندو؟ ڪير ان جي ٻارن جي سوالن جا جواب ڏيندو؟ جيڪي اڄ به اها آس رکي در ۾ اکيون اٽڪائي ويٺا آھن ته اجهو ابو ايندو ۽ اسين به ڏياري ڪنداسين!
ڏياري ڏيپ واريءَ جون،
اچن ٿيون کوڙ واڌايون،
مگر منهنجا مٺا سانول،
ڏياري تو سواءِ ڪهڙي؟