ڏيئي(ن پ ا) تڪراري ڪئنالن جي اڏاوت خلاف ڏيئي جي شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ميڊيا سينٽر اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، ڏيئي ۾ مجتبيٰ کوسو، ارباب کوسو، رحيم شاھه، وفا آصف رستماڻي ۽ شهرين جي وڏي انگ مين بازار کان احتجاجي ريلي ڪڍي ميڊيا سينٽر اڳيان ڌرڻو هنيو، جتي اڳواڻن ختاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان جبري ڪئنال ڪڍڻ سنڌ سڪائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن به صورت برداشت ناهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري ڪئنالن جي اڏاوت بند ڪري سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو روڪيو وڃي ٻئي صورت سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.