ٽنڊو باگو/ڏيئي(نمائندن وٽان) ڏيئي ۾ ڦورن هٿان قتل ٿيل نوجوان جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، رهواسين پاران ٿاڻي آڏو ڌرڻي جو چتاءُ خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ ٽنڊوباگو واسي چنگچي رڪشا ڊرائيور نوجوان شمن ڪهيري پاڙي جي خاصخيلي برادري سان گڏ ڀاڙي تي دٻھڙو کڻي ويو هو، جتان واپس انهن کي کڻي پنهنجي گهر طرف وڃي رهيو هو ته اچانڪ ٽنڊوباگو کڏهرو روڊ تي ماڻڪ واھه وٽ نامعلوم ڦورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هُن رڪشا نه روڪيو نامعلوم ڦورو سڌي فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته رڪشي ۾موجود خاصخيلي برادري جون عورتون ۽ مرد پڻ رڪشو ڪلٽي ٿيڻ سبب زخمي ٿي پيا هئا، ٽنڊوباگو پوليس ٻن ڏينهن کان جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ناڪام رهي آهي، جنهن سبب علائقي واسين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، جوابدار جي گرفتاري نه ٿيڻ ڪري علائقي واسين سيد خدا ڏنو شاهه، مھراڻ درس، جمن شاهه ٻين پاران مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته فوري پورهيت کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو، جڏھن ته فوتي شمن ڪهيري جي ڪيس ۾فريادڻ ڀيڻ شبانا ڪهيري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پوليس جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪري ٻئي صورت احتجاج ڪيو ويندو، هوڏانهن ٽنڊوباگو ٿاڻي تي قتل ٿيل نوجوان شمن ڪهيري جو سندس ڀيڻ شبانا ڪهيري جي فرياد هڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل به ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ذريعن موجب ملوث جوابدار جو پتو لڳائڻ لاءِ پوليس ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري کائن پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي، جن جا نالا راز رکيا ويا آهن، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي انويسٽيگيشن بدين قربان ملاح ٻڌايو اسين قاتل جي ڳولا ڪري رهيا آهيون، ٻن ٽن ڏينهن ۾ اصل قاتل جي خبر پئجي ويندي، جڏهن ته تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر وقار ميمڻ چيو ته قتل ٿيل نوجوان کي گولي پري کان لڳل آهي، جسم تي پسٽل رکي ويجهي کان گولي لڳل نه آهي.