ڏيئي(رپورٽ: محمد يوسف رستماڻي) ڏيئي ڀرسان ڪئنال جي پاڻي مان گذري اسڪول ويندڙ شاگردن جون زندگيون محفوظ بڻائڻ لاءِ نصير ڪئنال تي ڪاٺ جي پل اڏجي وئي، علائقي ۾ خوشي جي لهر ڇانيل خبر موجب ڏيئي ويجهو يوسي ٻڍو قمبراڻي جي بوائز پرائمري ۽ هاءِ اسڪول عبدالحق ڀرڳڙي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 7 ڳوٺن ڳوٺ پير بخش چانڊيو، نور الدين پنجابي، غازي خان چانڊيو، روشن جروار، قاسم حاجاڻو، غلام حيدر جروار، عبدالرحمان آرائين جي ڳوٺن جا 80 کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون گذريل 7ست سالن کان نصير ڪينال تي پل نه هجڻ ڪري واهه مان پنهنجي مائٽن جي ڪلهن تي چڙهي پاڻي مان گذري تعليم پرائڻ تي مجبور ھئا، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪيترائي ڀيرا پاڻي ۾ ٻڏڻ جا واقعا پيش اچڻ تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ۾ اسٽوريون شايع ۽ نشر ٿيڻ بعد هيڊ ماستر عبدالرشيد ڀرڳڙي ذاتي طورتحرڪ ورتو، انتظاميه پاران پل جي تعمير لاءِ ڪا به پهل نه ڪرڻ تي هيڊ ماستر عبدالرشيد ڀرڳڙي پنهنجي پگهارن مان 5 لک رپيا پل جي تعمير لاءِ جمع ڪرايا، جنهن بعد يوسي چيئرمين به 3 لک رپيا عطيو ڪيو، جڏهن ضلع ڪائونسل ميمبر ۽ ڪراچي واسي هڪ لک رپيا جمع ڪرايو ، 10 لک رپيا گڏ ٿيڻ تي هيڊ ماستر سٺا ڪاريگر هٿ ڪري نصير ڪئنال مٿان ڪاٺ جي پل اڏرائي شاگردن جي اچ وڃ لاءِ محفوظ دڳ تيارڪرائي ورتو آهي، پل ٺهڻ بعد شاگردن توڙي شاگردياڻين ۽ سندن والدين ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي هيڊ ماستر عبدالرشيد ڀرڳڙي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جا ٿورائتا آهيون جنهن هن ڳنڀير معامري کي ميڊيا تي آڻي اسان جي جذبي کي جاڳايو، هن چيو ته انتظامي خاموشي کانپوءِ مون چندو ڪري هي پل ٺهرائي آهي جنهن ۾ 5 لک رپيا مون ذاتي شامل ڪيا هئا، جڏهن ته يوسي ٻڍو قمبراڻي جي چيئرمين 3 لک رپيا، ضلع ڪائونسل جي ميمبر هڪ رپيا ۽ ڪراچي مان منهنجي هڪ دوست هڪ لک رپيا ڊونيٽ ڪيا، جنهن بعد 10 لک رپين ۾ هي پيل تيار ڪرائي آهي، جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻيون محفوظ طريقي سان اسڪول ڏانهن اچ وڃ ڪري علم پرائڻ سان گڏ دعائون به ڏئي سگهن.