بدين/ڏيئي (رپورٽر+ن پ ا) ڏيئي ويجھو يوسي ڏاڏاهه جي گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪرم خان جروار جي اسڪولي شاگردن پاران اسڪول ۾ ٽن مهينن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن وزير علي جروار، شعيب جروار، الله بخش جروار، سمير علي جروار، ارسلان جروار ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسانجي ڳوٺ گورنمينٽ مڊل اسڪول ڪرم خان جروار ۾ ٽن مھينن کان ماستر ناھي، اسان جي تعليم تباهه ٿي رھي آھي، مٿان امتحان به اچڻ وارا آھن، اسان اسڪولي شاگرد پريشاني جو شڪار بڻيل آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي استاد مقرر ڪري اسان جو سال ضايع ٿيڻ کان بچايو وڃي.