ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي ويجهو يونين ڪائونسل کڏهرو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول عرس ڇلگري جي عمارت گذريل 19 سالن کان زبون حال هجڻ سبب ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا کلي آسمان هيٺ وڻ هيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آهن. ڳوٺاڻن محمد رمضان ڇلگري، حسين ڇلگري، عبدالرحمان ڇلگري ۽ ٻين ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 19 سالن کان ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت زبون حال هجڻ ڪري معصوم ٻارڙا نياڻيون، هڪ وڻ هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، عمارت نه هجڻ ڪري ڳوٺ جا ڪيترائي ٻار اسڪول اچڻ ڇڏيا ويا آهن، هنن تعليم کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت  تعمير ڪرائي معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.