ڏيئي(ن پ ا) ڏيئي ڀرسان ڪامارو لڳ چڱو شاخ جي آبادگارن پاران سب ڊويزن خيرپور گنمبو جي ايس ڊي او سجاد شاھ ۽ ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري جي ناجائزين ۽ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي آبادگارن خان محمد چانڊيو، غلام شبير، ڏنو چانڊيو ۽ ٻين  الزام هڻندي ٻڌايو ته اسان جي هن چڱو شاخ کي سي سي لائنگ ٿيندي گذريل 23 ڏينھن مس ٿيا آھن جنھن کان پوءِ ايس ڊي او سجاد شاھ ۽ راشي ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري اتي جي بااثر آبادگارن کان ڳري رشوت وٺي شاخ جا سلوپ ٽوڙي غيرقانوني ماپ 6 انچ کان مٿي ٺھرائي ظلم ڪري رهيا آهن،  هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ڊي او ذوالفقار لاشاري کي بااثر آبادگارن ڳري رشوت ۽ ٽاسڪ ڏئي غيرقانوني طرح واٽر ڪورس ٽوڙيا آھن،  جيڪا پھرين شاخ جي بيڊ ليول هئي ان کان به ھڪ فوٽ واٽر ڪورسن کي هيٺ رکيو ويو آھي، مطالبو ڪريون ٿا  ته ايس ڊي او کي هتا هٽائي اسان جو جائز مسئلو حل ڪري بااثرن زميندارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي