ڏيئي(ن پ ا) ڏيئي ويجهو سانگي ڦرهو جي ڳوٺ جئيرو شاهه موري جي ڀيل برادري جي چار گهرن کي اچانڪ باھه وڪوڙي ورتو، باهه سبب پورهيت گل ڀيل، جاني ڀيل، گلاب، ۽ اڀو ڀيل جا گهر سڙي خاڪ جو ڍير ٿي ويا،گھر ۾پيل هنڌ بسترا، نياڻين جي ڏاج لاءِ گڏ ڪيل سامان سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، متاثر پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن، متاثرن پاران واهر جي اپيل ڪئي آهي.