ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي آر ايچ سي اسپتال  ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ گوسڙو عملي  خلاف عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مهراڻ درس جي اڳواڻي ۾ لکاڏنو خاصخيلي، طارق جمالي، پرديپ ڪمار، جاڙو حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪالهه ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته بنيادي سهولتون ڏيٻ حڪومت جو فرض آهي، گوسڙو عملي کي ڊيوٽين جو پابند بڻائي سهولتن ۽ دوائن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.