ڏوڪري(ن پ ا) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ وڪڙو جي رهواسي اسد سولنگي طرفان ايئرپورٽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڳوٺاڻي اسد سولنگي جو چوڻ هو ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او بنا جواز گذريل رات چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي، هن چيو ته ايس ايچ او پوليس ساڻ ڪري گهر اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاھه ڪري منهنجي مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ منهنجي پٽ سائٿ سولنگي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ھينئر تائين ظاهر ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي ظاهر ڪيو وڃي.