ڏوڪري(ن پ ا) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ حاجي مشوري ۾ محراب ماڇي جي گھر کي باھه لڳي وئي، باهه سبب گهر ۾ بيٺل چوپايو مال، بهه ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، متاثر محراب ماڇي موجب ننڍڙا ٻار گهر ۾ راند کيڏي رهيا هئا ته انھن کان راند کيڏندي باھه لڳي وئي، باهه سبب گهر ۾ پيل هزارين رپين جو بوھه، گاھه واري مشين سڙي رک ٿي ويا آهن ۽ ٻن مينھين کي باھه ساڙي وڌو آهي.