ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ چانھه پتي جي واپاري مهيش ڪمار کان دڪان تان نامعلوم هٿياربندن چوٿون ڀيرو ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ڦر واقعي خلاف چيمبرس آف ڪامرس جي اڳواڻن ۽ دڪاندارن ڏوڪري پريس ڪلب ۽ ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، اڳواڻن پاران سڀاڻي (اڄ) شٽر بند هڙتال ۽ روڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان موقعي تي چانھه پتي جي واپاري مهيش ڪمار جو چوڻ هو ته ٽي ڀيرا اڳ به نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي دڪان تي ڪاھ ڪري لکين رپيا ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، اڄ چوٿون ڀيرو به نامعلوم 2 هٿياربند دڪان ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي 2 لک رپيا روڪ رقم، ليپ ٽاپ، کاتي جا بڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته هر ڀيري ڦر واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به پوليس کي ڏنا آهن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، جنهن ڪري اڄ چوٿون ڀيرو ڦر ڪري ويا آهن. واپاري چيو ته تدارڪ نه ٿيو ته لڏي ويندس. ان سلسلي ۾ ڏوڪري چيمبرس آف ڪامرس جي صدر عبدالحميد جيسر، مظهر گلال، عبدالغني ابڙو، واحد بخش موريو ۽ ٻين ڏوڪري پريس ڪلب ۽ ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شهر ۾ دڪاندارن کان ڦرون ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، رات تائين ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس نه ٿيو ته سڀاڻي (اڄ) شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي، ۽ روڊ بلاڪ ڪري تيستائين احتجاج ڪيو ويندو، جيستائين ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاڻ اچي ڳالهيون نه ڪندو، هنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته ڦر ٿيل رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ آهي تہ ڦر واقعي جي اين سي داخل ڪري ورتي آهي جوابدارن خلاف مختلف جڳهن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون ڪجھه ڏينھن ۾ ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرايو ويندو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين تائين پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي.