ڏوڪري(ن پ ا) ڏوڪري شهر ۾ مگسي ۽ ڏيرا برادري جي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالهھ تان جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب چار ڄڻا طارق مگسي، ذوالفقار مگسي، واٽهڙو محرم ماڇي ۽ وسيم ماڇي زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  ان حوالي سان سيف ﷲ مگسي موجب ڏيرا ڌر جي ماڻهن رات جو دڪان جي در کي گوليون هڻي ويا هئا، صبع جو وري دڪان تي ويٺا هئاسين ته ٻيھر ڏيرا  برادري جي ماڻهن   اسان مٿان گوليون هلايون، جنهن ۾ طارق مگسي ذوالفقار ۽ واٽهڙو محرم ماڇي، وسيم ماڇي زخمي ٿي پيا، طارق مگسي کي پنجن کان وڌيڪ گوليون لڳل آهن.ڪيس داخل ناهي ٿيو.