ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري ڀرسان انصاف ٻگهيو جي خون جو نبيرو جي ڊي اي اڳواڻ عدنان انڙ جي سرپئنچي ۾ ٿيو. مُور جوڻيجو ڌر مٿان قتل جو الزام ثابت ٿيڻ تي 25 لک ڏنڊ وڌو ويو، جوابدار ڌر ڏنڊ واري رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي. جوابدارن ڏيڍ سال اڳ نوجوان کي ڳوٺ کبڙاڻي ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو. جڏهن ته مقتول جي پيءُ مُحب ٻگهيو جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف حد جي فتع پور ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. مقتول جي ڪيس ۾ گهربل 5 جوابدارن مان هڪ جيل ۾ قيد ۽ هڪ روپوش ۽ 3 ضمانت تي آهن. ان سلسلي ۾ مقتول جي پي مُحب ٻگهيو “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ انصاف ٻگهيو جي خون جو فيصلو جي ڊي اي اڳواڻ عدنان خان انڙ ڪيو آهي.