ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري جي خانگي اسڪول جي ماسترياڻي تي ٽن نامعلوم ھٿياربندن جو حملو، تشدد، ڳچي ۾ رسو وجهي مارڻ جي ڪوشش، رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا، هٿياربند فرار، خبر موجب شهر جي ٻگهيا پاڙي جي رهواسڻ خانگي اسڪول جي ماسترياڻي بسمه کي گهر کان اسڪول ويندي جوڳي محلي وٽ 3 موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري تشدد جو نشانو بنايو ۽ ڳچي ۾ رسو وجهي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ماسترياڻي جي رڙين تي پاڙيوارا پهچي ويا، جنهن بعد هٿياربندن فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ ماسترياڻي بسمه ٻگهيو چيو ته جوڳي محلي جي اسڪول ۾ پڙهائيندي آهيان، گهر کان اسڪول وڃي رهي ھيس ته رستي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٽن ھٿياربندن روڪي مون کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ڳچيءَ ۾ رسو وجھي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته پاڙي وارا پهچي ويا، جنهن بعد حملي آور فرار ٿي ويا، ماسترياڻي جي والد برڪت ٻگهئي چيو ته پورهيت آهيان، منهنجي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ڌيءَ کي تشدد ڪيو ويو، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ماسترياڻي ۽ والد ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.