ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ويجهو قديم ماڳ تي آرڪيالاجي کاتي جي 30 کان وڌيڪ ننڍن ملازمن ترقي توڙي ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف ميوزيم آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محرم سولنگي، خميسو بروهي، سليم احمد، جاويد سولنگي ۽ ٻين چيو ته ملازمت کي 40 سال ٿي ويا آهن، رٽائر ٿيڻ وارا آهيون پر ترقي ۽ ٽائيم اسڪيل نٿو ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي، هوڏانهن موهن جي دڙي جي ننڍن ملازمن هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻي ۾ مطالبن جي حوالي سان پٽيشن پڻ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.