ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ واپڊا ڪالوني ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي رٽائرڊ ٽي اي او غلام رسول ٻگهيو کان ڦر، مزاحمت تي هٿياربندن سخت تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو، جوابدار روڪ رقم ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڦر واقعي جي ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، ان حوالي سان زخمي اڳوڻي ٽي اي او جي ڀاءُ طفيل ٻگهيو جو چوڻ هو ته پوليس جي لاپرواهي سبب بدامني وڌي وئي آهي، جوابدار سرعام ڦرلٽ ڪري وڃن ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.