ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ افضل لنڊ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ڪارڪنن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. جسقم اڳواڻ رُڪ سنڌي، عزيز جويو، نياز سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ جسقم اڳواڻن جو چوڻ آهي ته قومي ڪارڪن افضل لنڊ کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، هنن چيو ته سنڌ ۾ قومي ڪارڪنن کي شهيد ڪري قومي تحريڪ کي نقصان پهچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جسقم اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير قومي ڪارڪن افضل لنڊ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي