ڏوڪري (ن پ ا) ڏوڪري ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو فائرنگ دوران هڪ نوجوان قتل ٿي ويو آهي. ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ امام بخش جمالي ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ آدم ڪلهوڙو جو رهواسي نوجوان برڪت ڪلهوڙو قتل ٿي ويو، لاش وارثن ڏوڪري اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته جمالي برادري ڪجهه ٽائيم اڳ زرعي زمين ڪلهوڙا برادري جي هڪ ڌر کي وڪرو ڪري ڏني هئي،  ساڳي ئي زمين کي ڪلهوڙا برادري جي ٻي ڌر خريد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، زمين تي ٽريڪٽر هلائي رهيا هئا ته ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ برڪت علي ولد امان الله ڪلهوڙو ٿڏي تي قتل ٿي ويو آهي ۽ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آهن.