ڏوڪري/باڊهه (نمائندن وٽان) ڏوڪري ۾ ڀاءُ ڀيڻ سميت 3 معصوم ٻارڙا ڳوٺ ٻاهران پاڻي جي کڏ ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويا. ڳوٺ بهاول جت ۾ ٻڏي ويل ٻارڙن کي وارثن کڻائي ڏوڪري اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران فوتگي جي تصديق ڪئي وئي. پاڻيءَ جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويلن ۾ 5 سال جو مزمل جت سندس 6 سال جي ڀيڻ عاليه ڌيءُ نواب جت ۽ 4 سال جو غلام رسول پٽ ضمير جت شامل آهن. ڏوڪري اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪارروائي بعد معصوم ٻارڙن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو.هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ٻڏي فوت ٿيل ڀيڻ ڀاءَ مزمل ۽ عاليه جت باڊھه جي تقي شاهه پاڙي جا رهواسي آھن، ڪجهه ڏينهن اڳ سندن والد ۽ امڙ ۾ گهرو اڻبڻت ٿي هئي، ٻارڙن جي پيءُ نواب جت سندن امڙ کي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو هو، هو ڄاڻايل ڳوٺ ۾ امڙ سان گڏ پنهنجي ناني وٽ رهندا هئا جتي واقعو پيش آيو.