ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏڪري ويجھو پرڻيل عورت جو گهر جي دروازي تان لاش هٿ، وارثن جو گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ، کوجي ڪتي وسيلي پيرا کنيا ويا، چاهيندڙ تي مارڻ جو الزام، نوجوان هٿ نه آيو، سندس ڀاءُ گرفتار، خبر موجب ڳوٺ سونهري ۾ شادي شدهه عورت 28 سالن جي ٻن ٻارن جي ماءُ بيگم جوڻيجو جو گهر جي دروازي وٽان لاش هٿ آيو، وارثن عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، عورت جي ڀاءُ حد جي ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش ڏوڪري اسپتال آندو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري عورت جو لاش ٽن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رهيو، اسپتال انتظاميا بعد ۾ لاش لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس کوجي ڪتا گهرائي واقعي واري هنڌان پيرا کنيا جيڪي عمران جوڻيجو جي گھر لڳا، جتان پوليس شڪ جي بنياد تي سندس ڀاءُ عرفان جوڻيجو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، عورت جي ڀاءُ فاروق ماڇي جو چوڻ هو ته ڀيڻ جي ڳچيءَ تي گهٽن جا نشان آهن، جنھن ڪري اسان کي شڪ آهي ته کيس قتل ڪيو ويو آهي، عورت جي مڙس مبارڪ علي جوڻيجو جو چوڻ هو ته گهر ۾ زال مڙس ٻن ننڍڙن ٻارن سان گڏ رهندا هئاسين، گذريل رات سارين جي ٿريشر جي مزدوري تي ويل هيس ته ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته عورت کي ڳوٺ واسي عمران جوڻيجو پسند ڪندو هو، جنهن گذريل رات عورت جي گهر ۾ داخل ٿي کيس گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، پوليس واقعي واري جاءِ تان کوجي ڪتي ذريعي پيرا کڻايا جيڪي پڻ عمران جوڻيجو جي گهر ۾ لڳا، جتان سندس ڀاءُ عرفان جوڻيجو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهي آهي.