ڏوڪري/باقراڻي(رپورٽ: راجا ٻگهيو+احمد نواز بلوچ) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ حيدر بروهي ۾ 8 مھينا اڳ مبينا قتل ٿيل ماءُ سميت پٽ ۽ ڌيءَ جي قتل جو فيصلو پ پ اڳواڻ طارق انور سيال ۽ پ پ اڳواڻ عدنان الطاف انڙ جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ مقتول ڌر جي اڳواڻ سائين بخش بروهي ۽ جوابدار ڌر جي اڳواڻ شڪيل بروهي جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر مٿان 4 خونن جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور هڪ ڪروڙ ساڍا 37 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنهن ۾ مقتولا ماءُ ۽ ڌيءَ جي خون جا پنجاھ پنجاھ لک رپيا ۽ سندس پٽ جي قتل جا 25 لک رپيا ۽ مقتولا عورت جي ڌيءَ جي پيٽ ۾ ٻار جي ساڍا 12 لک رپيا رکيا ويا آهن. فيصلي جي فتوي بعد وڌل ڏنڊ جي رقم مان جوابدار ڌر پاران 5 لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا ويا ۽ سرپئنچ طرفان جوابدار ڌر کي 10 لک رپيا معاف ڪيا ويا. هوڏانهن جوابدار ڌر پاران پهرين قسط ڏيڻ بعد مقتول ڌر ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ جوابدار ڌر کي ڪيس لکي ڏيندا، جڏهن ته فتويٰ بعد ٻئي ڌريون راضي ٿي ويون. جنهن بعد دعا خير گهري وئي. 8 مھينا اڳ ڳوٺ حيدر بروهي ۾ ھٿياربندن گهر تي حملو ڪري پ پ اڳواڻ سائين بخش بروهي جي ڀيڻ مسمات قائم خاتون بروهي، سندس نوجوان پٽ نديم بروھي ۽ سندس نوجوان ڳورھاري ڌيءُ فضيلا بروهي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو.
4 گهرڀاتين جو قتل ڪيس يوسي چيئرمين سميت 10 ڄڻن تي داخل: 2 جوابدار گرفتار
باقراڻي: 4 قتل واقعي جو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي يوسي چيئرمين شڪيل ڪريم مينگل، سندس سئوٽ دوست محمد بروهي، اعجاز بروهي، محمد اسحاق بروهي، شعيب بروهي، منير احمد بروھي، خورشيد بروهي ۽ ٻن اڻ سڄاتل جوابدارن سميت 10 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو هو، جن ۾ ٻه جوابدار دوست محمد بروهي ۽ اعجاز بروهي جيل پڻ ويل آهن، جڏهن ته فيصلي ۾ اهو واضح پڻ ڪيو ويو ته اڳتي ھلي جيڪڏهن 4 خونن جي ٻي ڌر ذميوار نڪتي ته سائين بخش بروھي ٽوٽل فيصلو ڀري ڏيندو.
8 مهينا اڳ هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 4 گهرڀاتي قتل ڪيا هئا
ڏوڪري: 8 مھينا اڳ ڳوٺ حيدر بروهي ۾ ھٿياربندن گهر تي حملو ڪري پ پ اڳواڻ سائين بخش بروهي جي ڀيڻ مسمات قائم خاتون بروهي، سندس نوجوان پٽ نديم بروھي ۽ سندس نوجوان ڳورھاري ڌيءُ فضيلا بروهي کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو.